سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۾ ڇهين ڪلاس جا امتحاني نتيجا پڌرا: ڪشف ڪاڪا، فاطمه بتول چنا ۽ هاجران راڄڙ ترتيبوار پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تحت هلندڙ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو پاران ڇهين ڪلاس جا امتحاني نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ نينگري ڪشف ڪاڪا پهرين، فاطمه بتول چنا ٻي ۽ هاجران راڄڙ ٽين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. تفصيل موجب سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو جي ڇهين ڪلاس جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪشف ڪاڪا ڌيءُ نور نبي ڪاڪا پهرين پوزيشن ماڻي ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز سيڪشن جي عملدار اختيار علي چنا جي ڌيءُ فاطمه بتول ٻي ۽ هاجران ڌيءَ عبدالحميد راڄڙ ٽين پوزيشن ماڻي ورتي. انچارج پرنسپال مارئي عطار جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو ويو آهي، ٽيچرس جي محنت سبب اسان جي اسڪول ۾ زير تعليم ٻار هوشيار آهن ۽ هو امتحانن ۾ بهتر نتيجا ڏيئي رهيا آهن. هن چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي رهنمائي ۽ هدايتن جي روشنيءَ ۾ اسڪول کي تعليم جو ڳڙهه بڻايو ويندو.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/23/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 07/30/2026
1024 x 768
SU finalises admission schedule for Academic Year 2027; classes to begin on January 4
View Details → 07/30/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں وائس چانسلر پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد...
View Details → 07/30/2026