پاڪستان سائنسي ايپليڪيشنز ۽ ڪاميابين کي ڪمرشلائيز ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب ترقيءَ جي شعبن ۾ پوئتي رهجي ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ سائنسي ڪمن ۽ تحقيقي مقالن جي صورتحال گهڻي حوصلا افزا ناهي.

تعليمي توڙي تحقيقي ماهرن ۽ مقررن چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي صلاحيت جي کوٽ ناهي، پر پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي شعبن ۾ پوئتي پيل آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته ملڪ پنهنجي سائنسي استعمال ۽ ڪاميابين کي ڪمرشلائيزيشن ۾ ناڪام ويو آهي. هن چيو ته ميڊيا موجوده دور ۾ سائنس ۽ ان جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪري تعليمي ماهرن ۽ صنعتن جي وچ ۾ وڇوٽي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري پاران پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجي انفارميشن سينٽر اسلام آباد جي سهڪار سان منعقد ڪيل هڪ ڏينهن واري پروجيڪٽ آگاهي ۽ تربيتي ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ جو عنوان “پاڪستاني جرنلز ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي مقالن جو قومي ڊجيٽل آرڪائيو” هو، جنهن جو مقصد مقامي تحقيقي جرنلز ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق سان لاڳاپيل جرنل پبلشرز جي ڪميونٽي کي هڪ اليڪٽرانڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ورڪشاپ جا موضوع منفرد هئا. اهڙي قسم جي سائنسي معلومات کي هٿي ڏياري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي عام ماڻهو تائين پهچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميڊيا ۽ سائنسي ادارا جيڪي اڳيئي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، اهي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ سان بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻئي جي ڪم بابت بامعنيٰ  گفتگو اور افهام تفهيم ملڪ ۾ سائنس ۽ تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي بنياد تي ترقي ان وقت تائين تيز نٿي ٿي سگهي، جيستائين صنعت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وچ ۾ گهربل لاڳاپا قائم نٿا ٿين ۽ اهو تعلق تڏهن ئي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن يونيورسٽيون ۽ صنعتون گڏجي ڪم ڪن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ٽيڪنالاجي کي ليبارٽري کان انڊسٽري ۽ پوءِ صارفين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ مڪمل انفراسٽرڪچر ۽ فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيڪنالوجسٽ ۽ محققن کي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي ۽ اهڙو ماحول فراهم ڪيو وڃي، جنهن ۾ کين سرڪاري يا خانگي شعبن جي سهڪار تائين رسائي حاصل هجي. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعداد، معياري تعليم جي فراهمي ۽ ڪئمپس ۾ تجرباتي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي فراهم ڪيل سهولتن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ترقي لاءِ تجويز ڪيل شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. هن جن شعبن جي نشاندهي ڪئي، انهن ۾ توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ڌاتو ۽ معدنيات، صنعتي ڪيميڪل، انجنيئرنگ، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شامل آهن. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد طفيل حسين شاهه ميڊيا ۽ سائنس ۾ بهتر لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي شعبن جي وچ ۾ هڪ خال آهي، جنهن کي ڀرڻ جي ضرورت آهي. . هن وڌيڪ چيو ته جيڪي يونيورسٽيون تحقيق سان گڏوگڏ تدريس به ڪن ٿيون، اهي قومي خواهشن جي تڪميل تڏهن ئي ڪري سگهن ٿيون، جڏهن انهن جي ڪم کي ٻاهرين دنيا تائين صحيح طريقي سان وقت سر پهچايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صحافين ۽ سائنسدانن کي هڪ ٻئي جي مسئلن کي سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سائنس کي مناسب ۽ سادي ٻوليءَ ۾ عوام آڏو پيش ڪري سگهجي. پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجي انفارميشن سينٽر جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اڪرم شيخ پاسٽڪ اداري جي خدمتن بابت تعارف پيش ڪيو ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ موجوده فرق کي گهٽائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ترقي پذير ملڪ تحقيق تي وڌيڪ ڌيان ڏين، تنهنڪري اهڙن ملڪن کي پنهنجين يونيورسٽين ۾ تحقيقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻي پوندي. پاڪستان جي نقطه نظر کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ڳالهائيندي هن يونيورسٽين ۾ قابل استادن جو تعداد وڌائڻ، يونيورسٽين جي خودمختياري، تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ مناسب فنڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ تي زور ڏنو. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ استعمال ۽ اهميت تي به ڳالهايو ۽ چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو ملڪ جي معروف تحقيقي ادارن سان گهٽ لاڳاپو آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ سائنسي ڪمن ۽ ريسرچ پيپرز جي صورتحال تمام گهڻي حوصلي جوڳي ناهي. سڀ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا هيلٿ سائنس ۾ موجود آهن پر هن وقت تائين سڀ کان گهٽ پيپر فزڪس ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن ته مٽيريل سائنس ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ڪو به مقالو شايع ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته وسيلن جي صحيح استعمال لاءِ منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن تحقيق جي شعبي ۾ بدانتظامي سبب وڌيڪ ڏکيائين کان بچي سگهجي. پراجيڪٽ مئنيجر سيف الله عظيم چيو ته پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنيڪل انفارميشن سينٽر ملڪي سطح تي سائنسي برادري جي معلومات جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سائنسي ۽ فني ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جو هڪ اهم ادارو آهي. هن پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنيڪل انفارميشن سينٽر جي خدمتن جو جائزو پيش ڪيو ۽ محققن لاءِ فائديمند جديد ڊيٽابيس تي روشني وڌي. هن سينٽر جي مقصدن، ڪاميابين ۽ هلندڙ منصوبن جو پڻ ذڪر ڪيو. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان اينالائيٽيڪل ڪيمسٽري پاران پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجي انفارميشن سينٽر اسلام آباد جي سهڪار سان ورڪشاپ ۾ ريسرچ جرنل پبلشرز جي ڪميونٽي کي جديد جرنل پبلشنگ جي ٽولز جي استعمال بابت هڪ ٽيڪنيڪل سيشن منعقد ڪيو ويو. ايسوسيئيٽ مئنيجنگ ايڊيٽر، سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ، اسلام آباد روميلا قمر تربيتي ورڪشاپ جي ريسورس پرسن هئي. سنڌ ريجن مان 65 ڪنسورشيم ميمبرن پروجيڪٽ جي آگاهي ۽ تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي.