سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪروميٽوگرافي ۽ اسپيڪٽروسڪوپي ۾ جديد دور لاءِ مؤثر تجزياتي طريقا جي سري هيٺ چار ڏينھن واري ورڪشاپ ڪاميابيءَ سان پڄاڻي تي پهتي

سنڌ يونيورسٽي جي نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري ۾ "ڪروميٽوگرافي ۽ اسپيڪٽروسڪوپي ۾ جديد دور لاءِ مؤثر تجزياتي طريقا" جي سري هيٺ هڪ چار ڏينھن وارو ورڪشاپ گذريل ڏينهن ڪاميابيءَ سان پڄاڻي تي پهتو، ورڪشاپ 3 سيپٽمبر کان 6 سيپٽمبر تائين جاري رهي، جنهن جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي جديد سائنسي تحقيق جي تبديل ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ترين تجزياتي ٽيڪنيڪن، خاص طور ڪروميٽوگرافي ۽ اسپيڪٽروسڪوپي جا طريقا، سيکارڻ هو. اختتامي تقريب ۾ نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد طفيل حسين شيرازي خطاب ڪندي جديد تجزياتي طريقن جي اهميت تي زور ڏنو. هن اهڙين ورڪشاپس کي نظرياتي علم ۽ عملي استعمال ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. ورڪشاپ جي مرڪزي مقرر۽ ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي دلچسپي ۽ ڀرپور حصي وٺڻ جي واکاڻ ڪئي. هن جديد تجزياتي طريقن سان پاڻ کي اپڊيٽ رکڻ ۽ مسلسل سکيا جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن عالمي تحقيق جا معيار پورا ڪري سگهن. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا ۽ بعد ۾ فيڊ بيڪ سيشن پڻ ٿيو، جتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربا ونڊيا. پروفيسر ڊاڪٽر فرح ناز ٽالپر پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ منتظمين ۽ مقررن جي خدمتن کي ساراهيو. هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄاڻايل ورڪشاپ نه رڳو شرڪت ڪندڙن جي فني صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، پر علم جي ڏي وٺ لاءِ پڻ هڪ گڏيل ماحول فراهم ڪيو. ورڪشاپ ۾ ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي 36 ان آرگينڪ ڪيمسٽري جي فائنل ايئر جي شاگردن ۽ نيشنل سينٽر آف ايڪسيلنس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري جي اسڪالرن ۽ محققن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي گروپ فوٽو ۽ نيٽ ورڪنگ سيشن سان ٿي، جتي شرڪت ڪندڙن کي علمي ۽ تحقيقي لاڳاپا وڌائڻ جا موقعا مليا.