سنڌ يونيورسٽي جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان 10 ڊسمبر کان شروع ٿيندا، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد، پرو وائيس چانسلرز، ڊينز، ڊائريڪٽرز ۽ شعبن جي هيڊز شرڪت ڪئي
سيميسٽر امتحانن جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) جي صدارت هيٺ سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان 10 ڊسمبر کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه، ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر عابده صديقي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، ڊاڪٽر سردار علي شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، سيميسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي سميت مختلف انسٽيٽيوٽس جي ڊائريڪٽرن ۽ شعبن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪورس ورڪ، آن لائين اٽينڊنس، شاگردن جي فيس جي ادائيگي سميت لاڳاپيل مختلف معاملن ۽ امتحاني تيارين جو جائزو ورتو ويو . ان موقعي تي ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي امتحاني تيارين بابت تفصيل ٻڌايا، جڏهن ته آءِ ٽي سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري آن لائين اٽينڊنس بابت پرزنٽيشن پيش ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ شاگردن ڏانهن رهيل فيس جا انگ اکر پيش ڪيا. ان موقعي تي وائيس چانسلر طرفان وقت سر ڪورس مڪمل ڪرڻ تي فئڪلٽي ميمبرن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو ۽ سيمسٽر امتحانن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي 10 ڊسمبر کان امتحان شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر شعبن جي سربراهن کي چيو ته اهي پنهنجي شعبن جي شاگردن کي پابندي سان ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪن ۽ پنهنجي رهيل فيس امتحانن کان اڳ لازمي طور ادا ڪرڻ لاءِ چون ته جيئن اهي امتحاني ضابطن تي پورا لهي سگهن.