سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ انوويشن ايڪسپو منعقد، مختلف شعبن جي شاگردن طرفان ڪاروباري آئيڊياز ۽ تخليقي منصوبا پيش، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن طرفان انوويشن ايڪسپو  منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن، ڪاروباري مهارتن ۽ انٽرپرينيورشپ ڪورس تحت تيار ڪيل جديد ڪاروباري آئيڊياز پيش ڪرڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ هو. انوويشن ايڪسپو جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر شاگردن طرفان قائم ڪيل اسٽالز جو دورو ڪيو، انهن کان سندن منصوبن بابت بريفنگ ورتي ۽ سندن ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري چيو ته ڪاروباري آئيڊياز جي وڏي اهميت آهي، پر بدقسمتي سان اڪثر آئيڊياز کي ڪو پليٽ فارم نه ملڻ ڪري اهي ضايع ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته آئيڊياز کي پروموٽ ڪرڻ ۽ شاگردن کي همٿائڻ  ۾ يونيورسٽين جو اهم ڪردار آهي، جتي شاگردن کي ان حوالي سان ڀرپور موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي سمورن شعبن جي شاگردن کي هن قسم جي سرگرمين ذريعي پنهنجين قابليتن ۽ صلاحيتن جو موقعو فراهم ڪجي. هن چيو ته بزنس ايڊمنسٽريشن طرفان منعقد ڪيل هي ايڪسپو جنهن ۾ 10 مختلف شعبن کي به شامل ڪيو ويو آهي، بهترين ڪوشش آهي، جنهن ۾ شاگردن جي تخليقي ڪاروباري سوچ ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. چيو ته ايڪسپو ۾ شاگردن طرفان سولر پلانٽ جو تيار ڪيل منصوبو، مڇي جي واڌ ويجهه جو منصوبو، پلانٽيشن جو منصوبو  ۽ ان جهڙا ٻيا مختلف منصوبا نهايت ئي متاثر ڪندڙ آهن. هن چيو ته هن قسم جا تجربا شاگردن لاءِ سکيا جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندا ، جنهن مان کين مستقبل ۾ وڏو فائدو حاصل ٿيندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عائشه بشير، تقريب جي آرگنائيزنگ ٽيم جي ميمبرن پروفيسر ڊاڪٽر تانيا مشتاق ، عبدالرحمان لغاري، مس مارئي ملاح ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ايڪسپو شاگردن جو اعتماد وڌائڻ سان گڏ شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي وٺرائيندو. هن ايڪسپو ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي شاگردن سميت 10 مختلف شعبن جن ۾ جيالاجي، اردو، جاگرافي، اسٽيٽسٽڪس، انوائرمينٽل سائنس، اينٿروپالاجي، پلانٽ سائنس، فشريز ۽ ميرين سائنس جي شاگردن طرفان پنهنجي پراجيڪٽس ۽ ڪاروباري آئيڊياز جا اسٽال قائم ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي ايڪسپو ۾ شامل شعبن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/18/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن...
View Details → 11/18/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان 10 ڊسمبر کان...
View Details → 11/18/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے انسٹیٹیوٹ آف بزنس ایڈمنسٹریشن میں ا...
View Details → 11/18/2026