سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آرٽ جي نمائش منعقد، شاگردن جي تحقيقي صلاحيتن، تحقيق ۽ جدت تي زور: وائيس چانسلر پاران انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن جي تخليقي محنت جي ساراهه
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي بينظير آرٽ گئلري ۾ هڪ شاندار آرٽ نمائش منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض حسين وساڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ٻنهي معززن انسٽيٽيوٽ جي شاگردن پاران تيار ڪيل پئنٽگن ۽ تصويرن ۾ گهري دلچسپي ورتي. انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي مهمانن کي شاگردن جي تخليقي فن پارن بابت بريفنگ ڏني ۽ نمائش ۾ رکيل تخليقن بابت معلومات فراهم ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس جي فروغ جي عزم ۽ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، تحقيق ۽ جديد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. پنهنجي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن جي تخليقي محنت جي ساراهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي اوقاف فنڊ مان انسٽيٽيوٽ لاءِ 10 اضافي اسڪالرشپس مختص ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بينظير آرٽ گئلري ۾ نون ايئر ڪنڊيشنرن ۽ سائونڊ سسٽم جي منظوري ڏني ويئي آهي، جنهن سان گئلريءَ جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو يونيورسٽيءَ جي ترقياتي منصوبن بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪئمپس جي سولرائيزيشن جي منظوري ڏني هئي، جنهن بعد ٽينڊر سميت سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ويا ۽ هاڻ هڪ سال اندر يونيورسٽيءَ جو حيسڪو تي انحصار گهٽ ٿي ويندو ۽ مالي وسيلن ۾ بچت به ممڪن بڻجندي. هن ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين وساڻ جي نوجوان قيادت ۽ تعليمي وابستگيءَ جي تعريف ڪندي چيو ته هو هڪ بهترين سرڪاري آفيسر هئڻ سان گڏ تعليمي ميدان ۾ به ڪارآمد فرد آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض وساڻ ان موقعي تي تعليم سان پنهنجي وابستگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريس جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته تدريس هڪ معزز پيشو آهي ۽ اهو سندس اصولن سان هم آهنگ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو هميشه صنعتڪارن سان ملاقات دوران صنعتن ۽ تعليمي ادارن ۾ رابطن تي زور ڏيندو آهي ته جيئن ڪاروبار جا موقعا بهتر ٿي سگهن ۽ غربت ۾ گهٽتائي اچي سگهي. هن چيو ته ڊگريون صرف ملازمت لاءِ نه هئڻ گهرجن، بلڪ شاگردن کي علم، ڄاڻ جي حاصلات ۽ بهترين عالمي تفهيم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن جديد دور جي تقاضائن کي اجاگر ڪندي چيو ته اڄ جو نوجوان نسل سرڪاري نوڪرين ڏانهن گهڻو راغب آهي، جڏهن کين اڀرندڙ شعبن جهڙوڪ سائبر اسپيس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر وساڻ پاڪستان جي عالمي تحقيقاتي معيار جي نشاندهي ڪندي چيو ته پاڪستان دنيا ته پري جي ڳالهه آهي پر ايشيا ۾ به سڀني کان پٺتي آهي، جڏهن ته ايران ان ۾ سڀني کان اڳيان نظر اچي ٿو. هن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تحقيق کي عام ماڻهن جي مسئلن جي حل سان ڳنڍيندي چيو ته اسان کي اهڙي تحقيق جي ضرورت آهي، جيڪا مسئلن جو حل ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته سڌريل ملڪ تحقيق ۽ جدت سبب ترقيءَ جي دڳ تي گامزن آهن ۽ اسان جي نوجوانن جو فوڪس سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ٻين سرڪاري ملازمتن تي بيٺل آهي. اسان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سول سروس آفيسرن بدران سائنسدانن ۽ محققن جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر ان موقعي يونيورسٽي 1000 ٻوٽا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن ڪئمپس ۾ وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري سگهي. هن چو ته وڻڪاري ماحول ۽ معاشرتي بهتريءَ لاءِ ضروري آهي. هن اساتدن کي درخواست ڪئي ته هو شاگردن کي مقامي مسئلن تي تحقيقي مقالا لکڻ لاءِ ترغيب ڏين ۽ مسئلن جا عملي حل پيش ڪن. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين وساڻ، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ ٻين مهمانن انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي پارڪنگ ايريا ۾ ٻوٽا لڳايا. ان موقعي تي پروفيسر نعمت الله خلجي، امر سنڌو، حسام الدين ميراڻي، جان عالم سولنگي ۽ انسٽيٽيوٽ جا استاد به موجود هئا.