سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 409 شاگردن ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، وائيس چانسيلر تقريب جي صدارت ڪئي: اسان جو عزم آهي ته ڪوبه شاگرد مالي مسئلن سبب پڙهائي اڌ ۾ نه ڇڏي

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۽ مئنيجمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل تقريب دوران مجموعي طور 409 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ ڪروڙ 59 لک 59 هزار 350 رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا. تفصيلن موجب نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ تحت وائيس چانسيلر مجموعي طور 348 مستحق شاگردن کي هڪ ڪروڙ 35 لک 72 هزار رپين  جا چيڪ ڏنا، جڏهن ته  سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ اسڪالرشپ تحت 61 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾  مجموعي طور 23 لک 87 هزار 350 رپين جا الڳ الڳ چيڪ ورهايا. تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، ڊين فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ضلعي ڄامشوري جي زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمين پير محمد حسن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مھيسر، پروفيسر اميد علي رند، ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪئمپس ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو ۽ ضلعي زڪوات آفيسر محمد صديق قريشي پڻ شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو تقريب کي خطاب ڪندي اسڪالرشپ فنڊن جي شفافيت وارو عزم ورجايو ۽ چيو ته هن انهيءَ ڳالهه کي هميشه يقيني بڻايو آهي ته اسڪالرشپ جي رقم شاگردن جي فلاحي مقصد لاءِ ئي استعمال ٿئي ۽ رقم منجهن وقت سر ورهائي وڃي. ڊاڪٽر ڪلھوڙو چيو ته سنڌ ايڇ اي سي، وفاقي ايڇ اي سي، صوبائي انڊومينٽ فنڊ ۽ پاڪستان انڊومينٽ فنڊز ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ڳچ حصو ملي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي قومي ليپ ٽاپ ورهاست پروگرام ۾ پڻ نمايان حصو ڏنو ويو، جيڪو ادارتي حيثيت جي وڌندڙ اهميت جو عڪس آهي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي ته ڪوبه شاگرد مالي مسئلن سبب پڙهائي اڌ ۾ نه ڇڏي، تنهن ڪري وڌ کان وڌ اسڪالرشپ جي حاصلات لاءِ ڪوششون وٺون پيا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اڪثريت جو مالي پسمنظر ڪمزور آهي. هن چيو ته اسڪالرشپس نه رڳو تعليمي بهتريءَ کي وڌائين ٿيون پر هڪ اهڙو سکيا وارو ماحول پڻ پيدا ڪن ٿيون، جتي قابليت ۽ محنت کي هٿي ملي ٿي. هن شاگردن کي تعليم ۾ ڪاميابيءَ لاءِ محنت جاري رکڻ جي ترغيب ڏني ۽ يقين ڏياريو ته يونيورسٽي انهن جي واڌ ويجهه لاءِ وڌيڪ مالي مدد ۽ موقعا حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي جاري رکندي. هن قومي انڪيوبيشن سينٽر  حيدرآباد جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته شاگردن، خاص طور تازو گريجوئيٽس کي ان مان مڪمل فائدو وٺڻ گهرجي.  هن وڌيڪ چيو ته تازو پاس آئوٽ ڪندڙ شاگردن کي مارڪيٽ جي بنياد تي ٽريننگ، لازمي صلاحيتن جي سکيا ۽ اسٽارٽ اپس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ قومي انڪيوبيشن سينٽر ڏانهن رخ ڪرڻ گهرجي.