سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي 2024ع جي مناسبت سان رنگ برنگي تقريب، فوڊ گالا، پوسٽر نمائش ۽ سيمينار منعقد، اسٽالن تي استادن ۽ شاگردن جي رش سبب وڏي ميلي جو ڏيک
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري ۽ سنڌ خوراڪ کاتي جي گڏيل سهڪار سان خوراڪ جو عالمي ڏهاڙو 2024ع ملهايو ويو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري ۾ فوڊ گالا، پوسٽر نمائش ۽ سيمينار منعقد ڪيو ويو. انهيءَ تقريب جو مقصد خوراڪ تائين رسائي، صحت بخش خوراڪ ۽ غذائيت جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هو، جڏهن ته ان ۾ شاگردن کي عملي تجربن ۽ ڪميونٽي جي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ بابت ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي ويئي. تقريب جي شروعات فوڊ گالا سان ٿي، جنهن ۾ شاگردن وڏي پئماني تي گڏجي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي لان ۽ آڳنڌ ۾ مختلف فوڊ اسٽال لڳايا. انهن اسٽالن تي کائڻ پيئڻ جون مقامي شيون رکيون ويون، جن مختلف شعبن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. اسٽالن تي شاگردن جي رش جي ڪري وڏي ميلي جهڙو ڏيک هو، جنهن سان تقريب جي اهميت ۽ مقبوليت واضح نظر اچي رهي هئي. انهيءَ دوران پوسٽر نمائش پڻ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ غذائيت، خوراڪ جي تحفظ ۽ بهتر خوراڪ جي موضوع کي اجاگر ڪيو ويو. انهيءَ نمائش ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ محققن شرڪت ڪئي، جن فوڊ سيفٽي، پائيدار زراعت ۽ صحت ۾ غذائيت جي ڪردار تي پوسٽر نمائش جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري ۾ ڊپارٽمينٽ آف نيوٽريشن اينڊ فوڊ سائنس ۾ “بهتر زندگي ۽ بهتر مستقبل لاءِ خوراڪ جو حق” جي سري هيٺ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سيمينار جي صدارت ڪئي ۽ عوامي صحت ۽ ذاتي فلاح ۽ بهبود ۾ خوراڪ ۽ غذائيت جي ڪردار تي روشني وڌي. هن پنهنجي خطاب دوران ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحتمند معاشرو غذائيت سان ڀرپور ۽ قدرتي خوراڪ جي استعمال تي دارومدار رکي ٿو ۽ هڪ بهتر زندگي فقط صاف سٿري ۽ قدرتي خوراڪ سان ئي ممڪن آهي. ملڪ ۾ خوراڪ جي تحفظ جي عالمي درجي بندي ڪندي ڊاڪٽر ڪلهوڙو 2024ع جي گلوبل هنگر انڊيڪس جي ڳڻتيءَ جوڳن انگن اکرن کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان 127 ملڪن مان 109 نمبر تي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته 36.9 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي. 20.5 سيڪڙو ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن ۽ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار وارن تقريبن 4 سيڪڙو ٻارن جي قدن جي واڌ ويجهه نه ٿي سگهي آهي. هن شاگردن کي غذائي سائنس ۽ غذائيت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ گهري سمجهه صحتمند معاشرو بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. هن تحقيق ۽ عملي مهارتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪستان جي غذائي ۽ صحت جي شعبن ۾ بامقصد ڪردار ادا ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو خوراڪ جي معيار ۽ حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام ۽ فوڊ سيڪٽر وچ ۾ مضبوط نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي، جنهن ڪري عوامي شڪايتن جو وقت سر ازالو ۽ صحت بخش غذا کي هٿي ڏيارڻ ممڪن بڻايو ويو آهي. هن شاگردن جي عملي تربيت ۾ انهيءَ تقريب جي ڪردار کي ساراهيو ۽ کين معاشرتي فلاح ۽ بهبود لاءِ ضروري مهارتون حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني. پبلڪ هيلٿ جي ماهر ڊاڪٽر گلزار عثمان سنڌ ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور خوراڪ جي تحفظ ۽ غذائيت کي مستقبل جي بهتري لاءِ اهم ڪردار قرار ڏنو. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته صحت بخش غذائن کي ترجيح ڏين، ڇاڪاڻ ته سٺي غذا هڪ بهترين زندگيءَ جو بنياد آهي. تقريب ۾ ٻين مک شخصيتن ۾ آرڪروما انڊسٽريز جي ساجد احمد جوڻيجو، نيوٽريشن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نويد ڀٽو، عبدالسلام خان، سيد نصرالله خان، انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا، خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عقيلا جلباڻي، ڊاڪٽر عاطف حسين منگي ۽ ٻيا شامل هئا. مهمانن کي روايتي سنڌي اجرڪ پيش ڪئي ويئي ۽ شيلڊون ورهايون ويون. ان کان سواءِ فوڊ گالا ۽ پوسٽر مقابلي ۾ مک پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن کي تعريفي سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو.