سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي چئمپين شپ 25-2024ع ۾ حصو وٺڻ لاءِ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي ٽيم چونڊڻ جو فيصلو، ٽرائيلز 13 نومبر تي ورتا ويندا

سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽيءَ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي چئمپين شپ 25-2024ع لاءِ شاگردن جي ايٿليٽڪس ٽيم چونڊڻ لاءِ 13 نومبر 2024ع تي صبح جو 11 وڳي حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ ٽرائيلز ورتا ويندا، جڏهن ته شاگردياڻين جون ٽيبل ٽينس ۽ ايٿليٽڪس جون ٽيمون چونڊڻ لاءِ ساڳي تاريخ تي صبح جو 10 وڳي مادر ملت فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۾ ٽرائيلز ورتا ويندا. دلچسپي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي سربراهه معرفت گهربل دستاويزن سميت ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) آفيس سان رجوع ڪن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/13/2024
Announcements
1024 x 768
SU Vice-Chancellor inaugurates student card scanning system at boys’ hostels
View Details → 04/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري پارا...
View Details → 04/02/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ ڈاکٹر فتح مری کی جانب سے بوائز ہا...
View Details → 04/02/2026