سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري پاران بوائيز هاسٽلن ۾ اسٽوڊنٽ ڪارڊ اسڪيننگ سسٽم جو افتتاح:
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري تعليمي ۽ انتظامي عملي سان گڏ گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي بوائز هاسٽلن جي مک دروازي تي نصب ڪيل اسٽوڊنٽ ڪارڊ اسڪيننگ سسٽم جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ پرو وائيس چانسيلر مين ڪيمپس، ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز ۽ تدريسي شعبن جا سربراهه، رجسٽرار، فئڪلٽي ميمبرز، اڪيڊمڪ توڙي ايڊمنسٽريشن جا ڊپٽي پرووسٽ ۽ هاسٽل جو عملو شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد مري شفافيت، سلامتي ۽ ڪيمپس جي مؤثر انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏنو. ھن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن، خاص طور هاسٽلن ۾ رهندڙن لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ھن وڌيڪ چيو ته اهڙيون ڪوششون انتظامي نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ بابت يونيورسٽي جي وسيع ويزن جي عڪاسي ڪن ٿيون. ھن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سسٽم جي مؤثر عملدرآمد ۽ مسلسل نگرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ھن پرووسٽ، ٻنھي ڊپٽي پرووسٽن، ڊائريڪٽر آءِ ٽي ايس سي ۽ هاسٽل عملي پاران شاگردن جي سهولتن ۾ بهتريءَ لاءِ ورتل ڀرپور ڪوششن کي پڻ ساراهيو. بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري تازن انتظامي ۽ ترقياتي قدمن جو ذڪر ڪيو، جيڪي هاسٽل مئنيجمينٽ، سيڪيورٽي، نظم و ضبط ۽ رهائشي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن. ھن ڪارڊ اسڪيننگ سسٽم جي تنصيب کي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انتظامي عمل کي وڌيڪ منظم بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ھن چيو ته ڄاڻايل سسٽم باقاعدي طور الاٽ ٿيل ھاسٽل جي رھائشين جي سڃاڻپ کي آسان بڻائيندو ۽ اچ وڃ جي رڪارڊ کي صحيح نموني سان برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندو، سسٽم غير رهائشي شاگردن ۽ غير مجاز ماڻهن جي داخلا کي روڪڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو، جنهن سان هاسٽلن اندر مجموعي نظم و ضبط ۽ سيڪيورٽي بهتر ٿيندي.