سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري پاران عالمي ڏينهن جي مناسبت سان شوگر/ ذيابيطس بابت آگاهي پروگرام منعقد

سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري ذيابيطس/ شوگر جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ جامع آگاهي پروگرام منعقد ڪيو، جنهن جو مقصد شوگر جي وڌندڙ خطرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي روڪٿام توڙي ڪنٽرول بابت نوجوانن کي آگاهه ڪرڻ هو. ڄاڻايل ايونٽ ۾ ڪيتريون ئي سرگرميون شامل هيون، جن ۾ ليڪچر، عملي مشاورت، شوگر ٽيسٽن ۽ جسماني ماپ ذريعي شوگر جي مريض جي تشخيص شامل هئا. ڪنسلٽنٽ ڊرماٽولوجسٽ ۽ ڊائيبيٽس ٽيلي ڪيئر جي سي اي او ۽ باني ڊاڪٽر ثانيا بشير ۽ ايشيائي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڪنسلٽنٽ ڊائيبيٽالاجسٽ ڊاڪٽر جويريا سلمان تشخيصي سيشنز منعقد ڪيا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي شاگردياڻي، حيدرآباد نيوٽريشن سوسائٽي جي سي اي او ۽ غذائيت جي ماهر خديجه سيد شوگر جي حوالي سان هڪ جامع ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ هن غذائيت کي متوازن رکڻ جي اهميت تي عملي مشاورت ڪرڻ جو هڪ سيشن پڻ منعقد ڪري ڏيکاريو. انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه ۽ ڊاڪٽر عاطف منگيءَ شوگر جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ان جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول لاءِ موثر قدمن تي زور ڏنو.سيمينار جي صدارت وائيس چانسيلر جي نمائندگي ڪندي نيچرل سائنس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور پٺاڻ ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه مهمانن ۽ استادن پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر شيراز، ڊاڪٽر فيض بروهي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر يوسف سومرو، ڊاڪٽر جمشيد ورسي ۽ ڊاڪٽر وقاص جميل، ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا، ڊاڪٽر ابتسام طاهر، ڊاڪٽر مهوش چنا، ڊاڪٽر بينش خانزاده، ڊاڪٽر نجف سومرو ۽ اصغر خاصخيلي ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ 300 کان وڌيڪ مختلف شعبن جي شاگردن، سندن والدين ۽ مهمانن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ رٽائرڊ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر الله نواز انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي آڊيٽوريم لاءِ هڪ کان ٻه لک رپين جي قيمت وارو آڊيو سسٽم عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تعليمي سيشنز کانپوءِ مهمانن گروپ فوٽو ۾ بهرو ورتو ۽ هو ريفريشمينٽ مان لطف اندوز ٿيا.ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويا ۽ شوگر جون ٽيسٽون پڻ ڪيون.