سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري ۾ تحقيق بابت ڄاڻ ۽ صلاحيتن جي حاصلات لاءِ ھڪ ڏينھن وارو ورڪشاپ منعقد، ڏيھي ۽ پرڏيھي ماھرن نيچرل سائنس جي 27 رجسٽرڊ پي ايڇ ڊي اسڪالرن کي ريسرچ جا گُر سيکاريا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري ۾ تحقيق بابت ڄاڻ، ڊيٽا ڪليڪشن، ريسرچ ٽولز ۽ ٻين لاڳاپيل صلاحيتن جي حاصلات لاءِ هڪ ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ “تحقيق کي سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي هنر” جي سري ھيٺ منعقد ڪيو ويو. ورڪشاپ انسٽيٽيوٽ ۾ صبح 9 وڳي کان شام 5:30 وڳي تائين جاري رهيو، جنھن دوران نيچرل سائنس جي 27 رجسٽرڊ پي ايڇ ڊي اسڪالرن کي تحقيق بابت صلاحيتن ۾ مهارت ڏني ويئي. ورڪشاپ جو مقصد شرڪت ڪندڙ اسڪالرن جي تحقيقاتي منصوبن کي سٺي نموني ترتيب ڏنل مقالن ۾ تبديل ڪرڻ، معياري اڪيڊمڪ آرٽيڪل لکڻ ۽ ڊيٽا کي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ بابت قيمتي ڄاڻ مهيا ڪرڻ هو. ان موقعي تي مختلف سيشنز ۾ پي ايچ ڊي اسڪالرن کي اثرائتو لٽريچر ريويو لکڻ، مقداري ڊيٽا کي سمجهڻ ۽ حوالن جي طرز کي لاڳو ڪرڻ جا طريقا پڻ سيکاريا ويا، گڏوگڏ کين جديد ھٿرادو ذھانت جي اوزارن جو استعمال پڻ سيکاريو ويو. نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان اينالٽيڪل ڪئمسٽري جي پروفيسر ڊاڪٽر نجمه ميمڻ، يونيورسٽي آف ايسٽ لنڊن جي ڊاڪٽر شهزاد احمد ميمڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽسٽڪس شعبي جي ڊاڪٽر نعيم احمد قريشي ورڪشاپ ۾ لاڳاپيل موضوعن تي معلوماتي سيشن منعقد ڪيا. ورڪشاپ جي اڳواڻي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ڪئي. سندس چوڻ ھو ته اسڪالرن جي تحقيقاتي ۽ اڪيڊمڪ صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ھي عالمي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو آھي.  ورڪشاپ جي سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر نصرت ميمڻ ان موقعي تي موجود رھي.