
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿر جي ماحول، معيشت ۽ ڪميونٽي تي ٻن ڏينهن وارو عالمي ورڪشاپ شروع
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بينظير ريسرچ سينٽر ۾ “بارڊر کان ٻاهر: ٿر ۾ ماحول، معيشت ۽ ڪميونٽي” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن وارو عالمي ورڪشاپ شروع ٿي ويو آهي. ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب جي صدارت وقتي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ٿر جي ماحول ۽ معيشت جي اهميت کي هڪ وسيع علائقائي تناظر ۾ اجاگر ڪيو . هن چيو ته جيڪڏهن احتياط سان ڳولا ۽ انتظام ڪيا وڃن ته ٿر جي ريگستاني علائقن ۾ پائيدار ترقي لاءِ اهم صلاحيت موجود آهي. هن ماحولياتي چيلنجن کي حل ڪرڻ ۽ مقامي ڪميونٽين جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ تحقيق جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وائيس چانسيلر ان ڏس ۾ تعليمي ادارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اعليٰ تعليمي ادارا گڏجي ماحولياتي توازن ۽ اقتصادي واڌاري لاءِ پاليسين جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ وڌيڪ چيو ته محققن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ هم آهنگ ڪوششون ڪاميابيءَ سان انهيءَ علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ نوان ۽ جديد حل پيش ڪري سگهن ٿيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پنهنجي خطاب ۾ ٿر جي تاريخي ۽ سماجي-اقتصادي حرڪتن تي روشني وڌي. هن چيو ته ٿر جي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ضروري آهي، جڏهن ته هتان جي ماڻهن جي قسمت بدلائڻ لاءِ ترقياتي منصوبن تي عمل شروع ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مريءَ مقامي ڪميونٽين کي تعليمي ۽ مهارتن جي ترقياتي پروگرامز ذريعي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ٿر جي حساس ماحولياتي نظام تي موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٿر جي ماڻهن لاءِ ڊگهي عرصي تائين فائدي مند اقتصادي ماڊلز متعارف ڪرائڻ گهرجن. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو چيو ته يونيورسٽين جو اهم ڪردار اهو هئڻ گهرجي ته اهي علائقائي مسئلن تي تحقيق ڪن. هن ٿر جي تاريخي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ هتان جي ماڻهن کي سخت موسمي حالتن ۾ پنھنجو پاڻ کي زندهه رکڻ وارين صلاحيت جو ذڪر ڪيو. ڊاڪٽر ڄاريڪو پاڻي جي بچاءُ ۽ توانائي جي حل بابت به پاليسي ٺاهڻ جو مشورو ڏنو. هن چيو ته نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ اڪيڊمڪ ۽ انڊسٽري وچ ۾ موثر ڳانڍاپو ضروري آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي قسم جا ورڪشاپس عملي تحقيق ۽ پاليسي سفارشن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. پاڪستان اسٽيڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مھيسر چيو ته ٿر جا علائقا انتهائي خوبصورت ۽ قدرتي وسيلن کان مالامال آهن. هن چيو ته ٿر کي هن وقت سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي چيلنج درپيش آهن، جن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گڏيل ڪوششون پائيدار حل پيدا ڪري سگهن ٿيون. آمريڪا جي يونيورسٽي آف پينسلوانيا جي اسڪالر ڊاڪٽر برائن ڪينن پڻ ٿر جهڙن ريگستاني علائقن ۾ ماحولياتي ۽ اقتصادي نظامن جي پاڻ ۾ ڳنڍڻ بابت پنهنجي راءِ پيش ڪئي. هن عالمي تحقيقاتي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليمي ادارن جو ڪردار پائيدار ترقي جي نون طريقن کي هٿي ڏيڻ ۾ آهي. افتتاحي تقريب جي ميزباني ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر عرفان شيخ اسپيڪرز، آرگنائيزرن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. وارڪشاپ ۾ مختلف سيشنز پڻ ٿيا، جن ۾ ڊاڪٽر نور احمد جنجهي، ڊاڪٽر سيد منهاج الحق حسن، آڪاش ڪمار، حسبا طفيل، امجد علي، ڊاڪٽر ارم شيخ ۽ ٻين محققن پنهنجا تحقيقاتي مقالا پيش ڪيا، جيڪي ورڪشاپ جي اهم موضوع سان جڙيل هئا. عالمي ورڪشاپ اڄ (جمع ڏينهن) پڻ جاري رهندو، جنهن ۾ وڌيڪ محقق پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا، جنهن بعد پڄاڻيءَ واري تقريب منعقد ڪئي ويندي۔ واضح رهي ته ڄاڻايل ورڪشاپ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽيڊيز جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽيڊي سينٽر ۽ هسٽري شعبي پاران منعقد ڪيو ويو آهي.