سنڌ يونيورسٽي ۾ ايريا اسٽيڊي سينٽر جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سياحتي صلاحيت کي وڌائڻ جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايريا اسٽيڊي سينٽر پاران”پاڪستان جي سياحتي صلاحيتن جو فائدو ڪيئن کڻجي: ڏکڻ اوڀر ايشيا کان سبق” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس گذريل ڏينهن بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي وئي آهي. ڄاڻايل ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي نامور اسڪالرن شرڪت ڪئي ۽ سياحت جي واڌاري تي تحقيقاتي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس مان حاصل ٿيندڙ حتمي سفارشن کي سنڌ حڪومت ڏانهن پاليسي لاءِ پيش ڪيو ويندو.ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي  افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ملڪ جي مختلف حصن مان آيل اسڪالرن، ماهرن ۽ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي سياحت جي ميدان ۾ سندن خدمتن کي ساراهيو. وي سي جو چوڻ هو ته هو ڪانفرنس جي آرگنائيزرن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، جن پنهنجي انتھائي محنت سان هڪ بهترين ۽ اثرائتي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو آهي. سياحت جي ترقي بابت بحث مباحثي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اوهان جو جذبو قابل تعريف آهي. هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻائڻ لاءِ مالي ۽ تنظيمي سهڪار فراهم ڪرڻ تي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ثقافت کاتي جا خاص طور ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ بي پناھ سياحتي صلاحيتون موجود آهن، پر انهن مان پورو فائدو وٺڻ لاءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪامياب ماڊلز مان سبق حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ڪانفرنس نواڻ تي ٻڌل حڪمت عمليون ڳولڻ، بهترين طريقا سکڻ ۽ نون خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو منفرد موقعو فراهم ڪندي. ڪانفرنس ۾ ٿائيلينڊ جي شاهي قونصل خاني جي قونصل جنرل، سوراشيٽ بونتيننڊ شرڪت ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي مهمان نوازي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ٿائيلينڊ جي معيشت ۾ سياحت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ٿائيلينڊ دنيا ۾ سياحت لاءِ مشهور آهي. 2024ع ۾ بينڪاڪ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ گهميو ويل شهر هو ۽ گذريل سال ٿائيلينڊ سياحتي انگن اکرن موجب عالمي سطح تي 12هين نمبر تي رهيو. سياحت ٿائيلينڊ جي ڪل جِي ڊي پي  جو 17 سيڪڙو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته سياحت جي ڪامياب حڪمت عمليون صرف سياحن جي انگن اکرن تائين محدود نه هجڻ گهرجن پر انهن جي رهڻ جي مدي، خدمتن جي معيار ۽ مجموعي تجربي کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سيڪيورٽي ۽ سياحت جي ميدان ۾ لاڳاپا وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي ‘اوڀر ايشيا پاليسي’ ٿائيلينڊ جي ‘ويسٽ ڏانهن ڏسو پاليسي’ سان هم آهنگ آهي. اسان پاڪستان سان سياحت جي ترقيءَ تي گڏيل سهڪار لاءِ تيار آهيون. ٿائيلينڊ جي نائب قونصل جنرل پانوتات يودڪايو وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ٿائيلينڊ ڪيئن نه عالمي سياحتي حب بڻيو.. هن چيو ته ٿائيلينڊ جو سياحتي ترقيءَ جو سفر 1950ع جي ڏهاڪي ۾ جديد انفراسٽرڪچر جي تعمير کان وٺي 1990 ۽ 2000ع جي ڏهاڪن ۾ لگزري، ايڪو-ٽورزم ۽ ايڊوينچر سياحت جي وڌندڙ رجحان تائين پکڙيل آهي. هن تجويز ڏني ته پاڪستان به ٿائيلينڊ جي تجربي مان فائدو وٺي پنهنجي سياحتي صنعت کي وڌائي سگهي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي جي سوشل سائنس فيڪلٽي جي اڳوڻي ڊين پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر مونس احمر چيو ته سياحت پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ اهم انڊسٽري آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ثقافتي ورثي، جبلن، گليشئرن، دريائن، ريگستانن ۽ سامونڊي ڪنارن سبب سياحت لاءِ بهترين ملڪ آهي. هن پيو ته ملڪ ۾ ايڪو-ٽورزم، ثقافتي سياحت، صوفي سياحت، مذهبي سياحت ۽ آثار قديمه جي سياحت جا وڏا موقعا موجود آهن. هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن پاڪستان سياحت جي ترقي لاءِ انفراسٽرڪچر بهتر ڪري، سيڪيورٽي يقيني بڻائي ۽ سياح دوست ماحول فراهم ڪري ته ملڪ سالانو 20 بلين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ جهڙوڪ انڊونيشيا، ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ، ۽ ويٽنام سياحت کي معيشت جو اهم حصو بڻائي ڇڏيو آهي، جتي لکين سياح سندن معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي انهن ماڊلز مان سکي پنهنجون پاليسيون جوڙڻيون پونديون.ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي سياحتي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترين ئي ڪارائتين حڪمت عملين تي بحث ڪيو ويو، جن ۾ اهي اهم نقطا به شامل آهن ته سياحتي هنڌن جي مارڪيٽنگ: ان مان ڪجهه ڏنه تاريخي ماڳن، جبلن، ڍنڍن، ريگستانن ۽ سامونڊي ڪنارن کي عالمي سطح تي هٿي ڏني وڃي. سياح دوست ماحول لاءِ سياحن جي سيڪيورٽي، معياري خدمتن ۽ ضروري سهولتون يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. گڏوگڏ حڪمت عملي تي ٻڌل منصوبن کي بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي5 سالن جو منصوبو ترتيب ڏيڻ گهرجي. ويزا فري رسائي ۽ بهتر هوائي سهولتون ڏيڻ سان گڏ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ نجي-سرڪاري ڀائيواريکي بهتر بنائڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي يونيورسٽي آف ميرپورخاص جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ايريا اسٽيڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ ڪانفرنس ڪنوينر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڪانفرنس سيڪريٽري ڊاڪٽر نورين نظر سومرو ۽ ٻين افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيئن ته  پاڪستان پنهنجي سياحتي شعبي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا مان سبق حاصل ڪرڻ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.مضبوط حڪمت عملي، انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ۽ پائيدار عملن تي هلندي پاڪستان خطي ۾ هڪ اهم سياحتي مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ڪانفرنس سياحت جي پائيدار واڌاري لاءِ تجويزون پيش ڪندي، جيڪي سنڌ حڪومت کي پاليسي جي عملدرآمد لاءِ اماڻيون وينديون.