
موهن جو دڙو 25 لک سال پراڻو هئڻ جو انڪشاف، ماڳ ڪيترائي ڀيرا اجڙيو ۽ آباد ٿيو، جوهي جي ماڻهن به دڙي کي آباد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، ٻيهر ويراني تي ٻڌازم جا ماڻهو پهچي ويا، هيل تائين ماڳ جي صرف 8 سيڪڙو کوٽائي ٿي سگهي
نامور تاريخدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ جي قديم تهذيب جو مرڪز موهن جو دڙو ساڍا پنج هزار سال نه پر 25 لک سال پراڻو آهي، جيڪو ڪيئي دفعا اجڙيو ۽ ٻيهر آباد ٿيو. موهن جو دڙو جي اجڙڻ بعد جوهيءَ جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪري هتي اچي ان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي دڙو ٻيهر ويران ٿيو ته ٻڌازم سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڪچين سرن سان اسٽوپيا کي ٺاهي تپسيائون ڪيون. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين شاهه راشدي آڊيٽوريم ۾ “سنڌو تهذيب جي ابتدا، اؤج ۽ زوال جا نوان انڪشاف” جي سري هيٺ سنڌ شناسي ليڪچر سيريز جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل ليڪچر کي خطاب ڪندي ڪيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ايم.ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف اسٽڊيز جي سهڪار سان منعقد ڪيل ليڪچر پروگرام جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. معروف تاريخدان ۽ محقق ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر چيو ته موهن جو دڙو جي کوٽائيءَ دوران ڀالو، بڙڇي، ڪهاڙي، ڇـُريون ۽ ٻيا هٿيار به هٿ آيا. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو جي هڪ گهر مان 16 کان وڌيڪ لاشن جا هڏا مليا، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي حملي آورن حملو ڪيو هو. هن انڪشاف ڪيو ته هيل تائين موهن جو دڙو جي ڪل 8 سيڪڙو کوٽائي ٿي آهي ۽ اڃا 92 سيڪڙو حصو رهي ٿو، جيڪڏهن رهيل حصي جي کوٽائي ٿي ته گهڻيون حقيقتون سامهون اچي وينديون ۽ ڪيترن ئي ڳجهن رازن تان پردو کڄي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موهن جي دڙي جي ٻولي دراوڙي نه هئي، پر ان جي پنهنجي مقامي ٻولي هئي. موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهڻ جي حوالي سان محقق ڪو واضح جواب نه ڏيئي سگهيو. ناليواري مؤرخ جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو جي تاريخي حيثيت کي نئين سر سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته تازين دريافتن مان معلوم ٿيو آهي ته هيءَ تهذيب تمام گهڻي ترقي يافته ۽ وسيع علمي نظام تي ٻڌل هو. هن چيو ته تازي تحقيق مان اهڙا آثار، مهرون ۽ ماڊل مليا آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به سامهون نه آيا. هن چيو ته موهن جو دڙو صرف آثارن جو هڪ ماڳ نه پر هڪ زندهه علمي خزانو آهي، جيڪو سنڌ جي عظمت، علم، فن ۽ تهذيب جو روشن مثال آهي. ڊاڪٽر شر زور ڀريو ته موهن جي دڙي جي تهذيب کي صرف شهري منصوبابنديءَ تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن وٽ سائنس، فني تعليم، سماجي قدرن ۽ واپار جي به گهڻي ڄاڻ هئي. هن مطالبو ڪيو ته موهن جو دڙو تي جديد سائنسي طريقي سان تحقيق لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن ۽ عالمي سطح تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته سنڌ جي اهي يونيورسٽيون جتي تاريخ ۽ اينٿروپالاجي جا شعبا موجود آهن، گڏجي موهن جو دڙو ۽ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪن ته گهربل نتيجا ملي سگهن ٿا. هن چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي تاريخ تي ڪو خاطر خواه تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيو، جنهن سبب هڪ به مستند ڪتاب موجود ناهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي کي به اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته موجود دور هٿرادو ذهانت جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي بچائي سگهجي. هن اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي هاڻي جيڪا به ڊگري جاري ڪندي اها ٻن ٻولين سنڌي ۽ انگريزيءَ تي مشتمل هوندي. اهڙو ٺهراءُ ته اڳيئي پاس ٿيل هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو هو. اسان ٻيهر اڪيڊمڪ ڪائونسل مان اهو ٺهراءُ منظور ڪرايو. پروگرام ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائين اينڊ هيريٽيج جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ساجد قيوم ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نامور اديب، دانشور، محقق ۽ اسڪالر موجود هئا.