
علامه آءِ آءِ قاضي جي 57هين ورسيءَ جي موقعي تي ملهايل فائونڊرس ويڪ جي پڄاڻي: سنڌ يونيورسٽيءَ جو باني وائيس چانسلر وڏو فلاسافر، تعليمي ماهر ۽ لطيف جو پارکو قرار، علامه قاضي ۽ علامه اقبال وچ ۾ 1902ع ۾ فلسفي تي بحث ٿيو، قاضي کي فلسفي تي دسترس هو
محققن، اسڪالرن ۽ تعليمي ماهرن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي باني وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي کي وڏو فلاسافر، تعليمي ماهر ۽ لطيف جو پارکو قرار ڏيندي چيو آهي ته علامه قاضيءَ جون علامه محمد اقبال سان ڪيتريون ئي ملاقاتون رهيون، پر فلسفي تي آءِ آءِ قاضي وڌيڪ دسترس رکندو هو. مادر علمي جي باني وائيس چانسلر لاڏاڻي بعد سندس استعمال واريون شيون، ڪتاب ۽ ٻيو سامان سندس شاگرد کڻي ويا، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس شاگردن ساڻس وفا نه ڪئي. دهلي، لاهور ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين شهرن مان ماڻهو علامه قاضيءَ جا خطبا ٻڌڻ ايندا هئا. هو عربي، فارسي ۽ جرمني ٻولين تي دسترس رکندو هو. سندس نظريو مڪمل طور اسلامي هو. کيس علم سان بي پناهه عشق هوندو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ واقع سينيٽ هال ۾ علامه امداد علي امام علي قاضي جي 57هين ورسيءَ جي موقعي تي فائونڊرس ويڪ ملهائڻ جي آخري ڏينهن خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ وائيس چانسلر ۽ ٻين قاضي صاحب جي مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ سندس بلند درجن لاءِ اجتماعي دعا گهري. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ چيو ته جنوري 1985ع ۾ هو شاگرد ٿي سنڌ يونيورسٽي آيو ته 13 اپريل تي سندس ڪلاس جي هڪ شاگرد اعلان ڪيو ته اڄ سنڌ يونيورسٽيءَ جي باني وائيس چانسلر جي ورسي ملهائي ويندي، جنهن بعد اسان مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. هن چيو ته 40 سالن بعد 21 جنوري 2025ع تي جڏهن کيس وائيس چانسلر جي چارج ملي ته کيس 1985ع وارو اهو ڏهاڙو ياد آيو، جنهن بعد هن ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ کي فائونڊس ويڪ ملهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ڄاڻايل هفتي جي آخري ڏينهن تي اسان کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته کائنس اڳ رڳو مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهرڻ جو رواج هو، پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته 9 اپريل کان شروع ٿيل فائونڊرس ويڪ جي تقريبن دوران سمورن ڪئمپسز ۽ ٻنهي اسڪولن ۾ شاندار پروگرام منعقد ڪري علامه قاضي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. هن چيو ته علامه قاضي هر مضمون ۾ ماهر هو، فلسفو، مذهبن جو تقابلي جائزو، ايجوڪيشن سميت سائنسي علم ۾ به هو اڳڀرو هو. ماڻهو سندس خطبا ٻڌڻ دهلي، لاهور ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين شهرن مان ٽرين ذريعي ڪراچي ايندا هئا. هن چيو ته علم سان چاهه رکندڙ علامه قاضي وقت جو پابند هو ۽ وي سي شپ دوران فائيل وقت سر اڪلائيندو هو. هن انتهائي سادي زندگي گذاري ۽ هو وڏو ايماندار هو. هن چيو ته بدقسمتيءَ سان يونيورسٽي ڊگري وٺڻ ۽ نوڪريون حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويئي آهي، جڏهن ته اها ڄاڻ ڦهلائڻ جو ڪم ڇڏي ويئي آهي. وائيس چانسلر چيو ته علامه قاضي جي فلسفي تي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي وٺرائي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ڪرڻو پوندو ۽ استاد ڄاڻ کي شاگردن طرف منتقل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏين. ڊاڪٽر کمڀاٽي فلسفي تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪندي ان جو ٽاسڪ فلاسافي شعبي جي چيئرپرسن امر سنڌوءَ حوالي ڪيو ۽ چيو ته فلسفي تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي فلسفي تي معلومات کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي 57هين ورسيءَ جي موقعي تي طئه ڪيو پيو وڃي ته سندس بنگلو نمبر 57 واپس وٺي ان کي ميوزيم بڻايو ويندو، جنهن ۾ علامه صاحب جي استعمال واريون شيون رکيون وينديون. تعليم جي اڳوڻي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي هڪ فلاسافر، تعليمي ماهر ۽ لطيف جو پارکو هو. سندس زندگيءَ جا وڏا پهلو آهن، جن تي تحقيق ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي 1968ع ۾ وفات بعد 1969ع ۾ ڪنهن به سندس ورسي نه ملهائي، جيڪا تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي. حيدرآباد جي دوري دوران سائين جي.ايم سيد ان ڳالهه جو اظهار ڪيو، جنهن بعد اسان سندس پهرين ورسي ملهائي. هن چيو ته قاضي صاحب جون گهڻيون شيون ۽ ڪتاب ضايع ٿيا ۽ ڪافي سامان سندس شاگرد کڻي ويا. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي سان سندس شاگردن وفا نه ڪئي ۽ نه ئي سندس يادن تي مشتمل ڪو ڪتاب لکيو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڄامشوري ۾ جڳهه ڳولڻ ۾ صرف علامه صاحب جو ڪردار هو. هن نيو ڪئمپس جو تصور ڏنو، جنهن بعد پنجاب يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ نوان ڪئمپس ٺاهيا. هن چيو ته علامه قاضيءَ جو 57 نمبر بنگلو واپس وٺڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته 1938ع ۾ يورپ ۾ بحث شروع ٿيو ته عورت کي ووٽ جو حق ڏجي يا نه، تنهن تي علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجو واضح مؤقف رکيو ته بلڪل عورت کي اهو حق ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هو وڏو ديندار ماڻهو هو ۽ عورتن ۽ مردن جي برابريءَ جو قائل هو. هن چيو ته 1902ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه اقبال وچ ۾ خودي ۽ بيخوديءَ تي بحث ٿيو، خوديءَ کي نه سمجهي سگهڻ بعد علامه اقبال بيخوديءَ جو فلسفو ڏنو، پر علامه قاضي لطيف جو پارکو هئڻ سبب خودي ۽ بيخوديءَ واري فلسفي تي وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ هو. سيمينار ۾ محمد خان سانگي، پروفيسر امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر شير مهراڻي علامه آءِ آءِ قاضي تي پنهنجا پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ان کان اڳ تلاول ڪلام پاڪ جي سعادت نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي، جنهن بعد ڊاڪٽر ذوالفقار علي خان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. سيمينار ۾ فائونڊرس ويڪ بابت تفصيل ڊاڪٽر رشدالله شاهه مخمور بخاري ٻڌايا ۽ پڄاڻيءَ تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو مهمانن جا ٿورا مڃيا. سيمينار ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، شوڪت اڄڻ، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر محمد علي لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي پروفيسر، محققن، اسڪالر، استاد ۽ شاگرد موجود هئا.