سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد: کيس ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تاريخ جي شعبي جي اڳوڻي پروفيسر ۽ نامياري مؤرخ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس خميس ڏينهن منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو ڪئي. تعزيتي تقريب جو اهتمام ڊپارٽمينٽ آف ھسٽري ڪيو، جنهن دوران مرحوم عالم جي تاريخي تحقيق ۽ سنڌ جي ورثي ۽ تهذيب بابت علمي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. پروگرام کي ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ ترتيب ڏنو، جنهن سڄي تقريب کي سهڻي انداز سان اڳتي وڌايو ۽ مهمانن جو تعارف پيش ڪيو. تقريب ۾ نامور محقق، ساٿي استاد ۽ ڊاڪٽر لاکو جا اڳوڻا شاگرد وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، جن سندس علمي خدمتن، تحقيقي ڪم ۽ منڪسر مزاجي کي ساراهيو. تقريب ۾ خطاب ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ديدار حسين، ڊاڪٽر رشدالله شاھ مخمور بُخاري، ڊاڪٽر انَس راڄپر، پروفيسر ڊاڪٽر سعيد منگي، ادريس جتوئي، ولي محمد شاهه ۽ سرفراز لاکو شامل هئا. مقررِين ڊاڪٽر لاکو سان گڏ گذاريل وقت جون يادون ونڊيون ۽ سندن علم، سچائي سان وابستگي ۽ علمي لگن جي واکاڻ ڪئي. ھنن چيو ته ڊاڪٽر لاکو جي سنڌ جي سياسي ۽ ثقافتي تاريخ بابت تحقيق علائقائي تاريخ نويسيءَ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. سندن تحقيقي ڪم، قديم ۽ جديد سنڌ جي تاريخ بابت باريڪ بين مشاهدي ۽ دستاويزي ثبوتن تي ٻڌل هجڻ ڪري علمي حلقن ۾ وڏي عزت ماڻيندو هو. ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر لاکو رڳو مؤرخ نه، پر هڪ رهنما، استاد ۽ فڪري ايمانداريءَ جي علامت هو. ھن چيو ته سندس لکڻيون، خاص طور سنڌ جي سماجي ۽ سياسي ارتقا تي مؤرخن ۽ شاگردن جي نسلن کي گهري اثر ڪيو آهي. ڊاڪٽر عرفان شيخ ۽ ٻين مقررِين زور ڀريو ته ڊاڪٽر لاکو جي اڻ ڇپيل علمي مواد کي محفوظ ڪري شايع ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل ان مان فائدو وٺي سگهي. تعزيتي ريفرنس ۾ فئڪلٽي جي استادن، محققن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا ڊاڪٽر لاکو جي علمي حيثيت ۽ شخصيت سان وابسته عزت جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب دعا سان پوري ٿي، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن اهو عزم ورجايو ته ڊاڪٽر لاکو جي علمي مشن کي جاري رکيو ويندو ۽ تاريخي شعور ۽ تنقيدي سوچ کي هٿي ڏني ويندي.