
سنڌ يونيورسٽي پاران مليريا جو عالمي ڏهاڙو سڄو هفتو ملهائڻ جو اعلان، نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پهرئين ڏينهن سيمينار جو اهتمام، ماهرن ڊاڪٽرن جي شرڪت؛ مليريا جي روڪٿام لاءِ مقامي وسيلن جو استعمال ۽ برادريءَ جي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ۽ ٻين جو سيمينار کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي، ميڊيڪل ليباريٽري ٽيڪنالاجي، ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي ۽ پبلڪ هيلٿ پاران مليريا جو عالمي ڏهاڙو سڄو هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ فزيالاجي شعبي پاران پهرئين ڏينهن هوپ فيلٽ فائونڊيشن، گلوبل فنڊ مليريا پروجيڪٽ ٽيم اين آر ايس پي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ويڪٽر بورن ڊزيسز ٽيم جي سهڪار سان “مليريا جو خاتمو : ٻيهر سيڙپڪاري، ٻيهر سوچ ۽ ٻيهر جذبو” جي موضوع هيٺ هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو. فزيالوجي شعبي جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل سيمينار جو مقصد شاگردن، استادن ۽ مقامي برادري کي مليريا جي بچاءَ، ڪنٽرول ۽ علاج بابت سستي ۽ مقامي طريقيڪار سان آگاهي فراهم ڪرڻ هو. سيمينار ۾ نيچرل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ تقريب جي صدارت ڪندي چيو ته مليريا جي روڪٿام لاءِ مقامي وسيلن جو استعمال ۽ برادريءَ جي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري گلوبل فنڊ مليريا پروجيڪٽ، اين آر ايس پي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس سان تعاون کي ساراهيندي چيو ته اهڙا ادارا پٺتي پيل علائقن ۾ مثبت نتيجا آڻڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور احمد چانڊيو مهمان خاص طور خطاب ڪندي ضلعي ۾ مليريا جي بچاءَ لاءِ دوائن جي فراهمي ۽ ٽيسٽ سهولتن جي قيام بابت تفصيلي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر ويڪٽر ڪنٽرول لاءِ مختلف صحت مهم جاري آهي. صوبي جي پروجيڪٽ مئنيجر ويڪٽر بورن ڊزيزز سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور سومرو پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو ته مليريا جي سڃاڻپ، دوا ۽ علاج لاءِ کاتي پاران ڪهڙا طريقيڪار اختيار ڪيا ويا آهن. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي شراڪت کي مليريا جي خاتمي لاءِ اهم قرار ڏنو. فرزانه ناز بلوچ تقريب جي انتظامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته علمي سرگرمين کي صحت جي شعور سان ڳنڍڻ مليريا جهڙن مسئلن کي بنيادي سطح تي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته شعبي پاران شاگردن جي حصي واري سرگرمين، ورڪشاپس ۽ سيمينارن ذريعي برادري جي صحت لاءِ شعوري ڪم جاري آهي. صوبي جي گلوبل فنڊ مليريا پروجيڪٽ جي مينيجر رام ڪرشن، ڊاڪٽر راحيلا ٽالپر (ضلعي جي وي بي ڊي مليريا فوڪل پرسن)، فدا حسين شاهه (ضلعي مليريا سپرنٽنڊنٽ وي بي ڊي ڄامشورو) ۽ غلام شبير بوزدار (ضلعي ڪوآرڊينيٽر اين آر ايس پي ، گلوبل فنڊ مليريا پروجيڪٽ) پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سستي ۽ اثرائتي بچاءَ وارن اپائن، برادري جي شموليت ۽ مستقل شعوري مهمن جي ذريعي مليريا تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو. سيمينار ۾ لڳ ڀڳ 300 شاگردن، استادن ۽ عملي شرڪت ڪئي، جن مليريا جي روڪٿام ۽ برادري جي صحت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو عهد ڪيو.