سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران انڊيجينس آن ڪيمپس ٽريننگ وٺندڙ ملازمن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن انڊيجينس آن ڪيمپس ٽريننگ پروگرام جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي. تقريب فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڪمپيوٽر ليب – II ۾ ٿي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ڊاڪٽر ڪامران ڏاھري پاران تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن بعد هن استقبالي خطاب پڻ پيش ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر ڏاھري وائيس چانسلر جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، جنھن اداري جي انتظامي ۽ امدادي عملي جي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ ڄاڻايل تربيت شروع ڪرائي. هن شرڪت ڪندڙن جي سرگرم حصي وٺڻ ۽ سندن وابستگي کي ساراهيو. وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي پنهنجي خطاب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي اهڙين تربيتن کي عملي جي صلاحيت، پيداوار ۽ پيشه ورانه ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو. ھن چيو ته ڄاڻايل تربيت جي نوعيت جامع آھي، جنھن ۾ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ، سرڪاري ڊرافٽنگ، فائيلنگ، رابطي جون مهارتون، مائيڪروسافٽ ورڊ ۽ ايڪسل ۽ اي ميل، سميت جديد اي آءِ ٽيڪنالاجيز جي استعمال تي ڌيان ڏنو ويو. ڊاڪٽر کمڀاٽي جديد ڊجيٽل دور ۾ جاري سکيا جي اهميت تي زور ڏنو ۽ عملي کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجي مهارتن کي وقت سان گڏ اپڊيٽ ڪندا رهن. ھن وڌيڪ اعلان ڪيو ته جلد ئي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگيويج اينڊ لٽريچر جي تعاون سان هڪ نئين "انگريزي ٻولي جي مهارتن" تي تربيت شروع ڪئي ويندي، جيڪا عملي جي رابطي ۽ ڊرافٽنگ جي صلاحيتن کي بهتر بڻائيندي. وائيس چانسلر اونهاري جي موڪلن دوران، ڪنهن به مالي سهائتا يا اضافي معاوضي کان سواءِ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر ٽيم پاران ڄاڻايل تربيت ڪرائڻ تي سندن جذبي کي ساراهيندي ان کي اداري جي واڌاري لاءِ وابستگي جو مثال قرار ڏنو. تقريب ۾ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر عبد الوحيد مهيسر، ڊاڪٽر زين انور ميمڻ، ساجد قيوم ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽن جي ورهاست سان ٿي، جيڪا هن اثرائتي تربيت جي ڪامياب تڪميل ۽ يونيورسٽي جي عملي ترقي لاءِ وابستگي جو عڪاس هئي