سنڌ يونيورسٽي پاران 106 اميدوارن کي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جون ڊگريون ڏيڻ جي منظوري؛ وائيس چانسيلر پاران هر ٻئي مهيني ايڊوانسڊ اسٽيڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ ايندڙ هفتي کان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائون شروع ڪرائڻ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ جي 155هين اجلاس ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل/ايم ايس جي 106 اميدوارن کي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران نيچرل سائنس، اسلامڪ اسٽيڊيز، فارميسي، سوشل سائنس، تعليم ۽ آرٽس فيڪلٽيز جي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جي 40 ۽ ايم فل/ايم ايس جي 66 اميدوارن کي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪندڙ اميدوارن ۾ ڄام خان محمد سهتو (اپلائيڊ لنگوئسٽڪس)،  صدف سعيد سومرو، نجمه گوپانگ (جئنڊر اسٽڊيز)،  سُندس جاويد قريشي،  مهتاب خاصخيلي (انگريزي ادب)، محمد افضل جاويد (اردو)،  محمد مسعود مير،  امتياز علي ملاح،  عبدالقادر پٽولي،  سيد رياض حسين شاهه،  رفيق احمد کوسو،  نوريش ڪيريو (بزنس ايڊمنسٽريشن)،  وقار احمد خان،  عبدالجليل مهيسر، راشد علي شيخ، شنڪر لال ميگھواڙ (ڪامرس)، ثمينه ملڪ (ايجوڪيشن)، سحرش قاضي (اناليٽيڪل ڪيمسٽري)، صفيه شاهين ساند،  زيبا سومرو (بايو ڪيمسٽري)، احسن عباس ابڙو (بايوٽيڪنالاجي)، سجيله ٽڳو، جميل احمد (ڪمپيوٽر سائنس)،  نذرٿ زيبا شيخ، محمد صديق راجپوت (فوڊ ٽيڪنالاجي)، شعيب محمد عمراڻي، اطهر ڀٽو (فارما سيوٽڪس)، طارق محمود نوناري (انوائرونمينٽل سائنس)، سيد ڪامران علي شاه (جيالاجي)،  رابعه پرويز گجر (مائڪرو بائلاجي)،  ريحانه ڪوثر (هسٽري)، محمد هاشم (پبلڪ ايڊمنسٽريشن)، شيراز احمد شيخ، ڌڻي بخش مشوري، شاداب ڪاڪا، نوشابه راڄپر، صدف سومرو (زوالاجي)، احمد مرتضى ميمڻ، محمد علي شيخ ۽ احمد مرتضى ميمڻ (اسلامڪ ڪلچر) شامل آهن. ايم فل/ايم ايس جون ڊگريون حاصل ڪندڙ اسڪالرن ۾  حبيب الرحمن آرائين (عربي)، ڪنول سڪندر لنجار (ڪامرس)،  ثناءَ فياض مغل (سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، منزہ ڪمبوهه، امجد چنڙ، پرهه ڀنبرو، بيبي سارا عباسي، سلمان خان چنڙ، قصه زهره، نيهال فاطمه سولنگي، آمنه وگهيو (اناليٽيڪل ڪيمسٽري)،  ماهرخ مغل، عامر ديپ منواڻي، راشد علي عارباڻي (فارما سيوٽڪس)، صبا الطاف سهاڳ، ناديا اشرف (فارماڪوگنوسي)، شهناز نياز، مديحه ڀٽي، محمد امين بوزدار (فارماڪالاجي)، علينه قريشي، سائقه خاتون چنا (سوشالاجي)،  جنت گل هاليپوٽو، بيبي مرڪ لاکير (انٽرنيشنل رليشنز)،  پرويز علي  ٻگھيو، مشعل، محمد ادريس شر (انگريزي لنگوئسٽڪس)، امبرين ابڙو (سنڌي)، فضا مهيسر (بزنس ايڊمنسٽريشن)،  سميرہ خان پٺاڻ، ريحانه ملاح، صبا اختر، نور محمد جوڻيجو (ايجوڪيشن)، ذوالفقار علي سيال، ميمونه بيبي اعواڻ (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، غلام علي بوزدار (اسلامڪ ڪلچر)، سلمان علي شاه، مهر النساءَ سهتو (مسلم هسٽري)،  حديقه ڪومل راڄپر، امبرين نظير (بايو ٽيڪنالاجي)،  سيد سميعه، عروسه پرهياڙ، خان محمد جمالي (باٽني)،  رابعه خشڪ (ڪمپيوٽر سائنس)، اسرار حسين ڪوريجو، فيصل قيوم ميمڻ (انوائرونمينٽل سائنس)، اذڪار حسين ڪوريجو (جينيٽڪس)، رضوان الحق پٺاڻ (جاگرافي)، ثناءَ کوکر، مشتاق علي (ان آرگينڪ ڪيمسٽري)،  ماهنور نثار ميمڻ، مهڪ جبار ابڙو (مائڪرو بائلاجي)طيبه خالد آرائين (فزڪل ڪيمسٽري)، محمد پنجل شنباڻي، آفاق احمد سرڪي، فرقان الحسين بگٽي، ارم فاطمه برڙو، ڪليم الله چنڙ (زوالاجي)، مرڪ نازش قريشي (ڪرمنالاجي)، مجيد حميد راڄپوت، شير زمان کوسو (ماس ڪميونيڪيشن)، مريم، صدام حسين چانڊيو (پاڪستان اسٽڊيز)، فرحان بيگ مغل، مکي چانڊيو (پوليٽيڪل سائنس)، سحر قائمخاني (سائڪالاجي) ۽ محمد اڪرم جسڪاڻي (پبلڪ ايڊمنسٽريشن) شامل آهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اي ايس آر بي جا اجلاس هاڻي هر ٻه مهينا بعد منعقد ٿيندا، جڏهن ته اسڪروٽني ڪاميٽين جا اجلاس هر مهيني منعقد ڪيا ويندا ته جيئن فائيلون بورڊ ڏانهن جلد موڪلي سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائون ايندڙ هفتي کان شروع ڪيون وينديون. اجلاس جي خاص ڳالهه اها آهي ته سنڌ يونيورسٽي پاران صوبي ۾ پهريون ڀيرو جينڊر اسٽيڊيز ۾ پي ايڇ ڊي جون ٻه ڊگريون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. انسٽيٽيوٽ آف جئنڊر اسٽڊيز طرفان ٻن اسڪالرز کي پي ايڇ ڊي ڊگريون ڏنيون ويون آهن، جن جي نگراني اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ موجوده پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ گريجوئيٽ اسٽڊيز ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، ڊين فئڪلٽي آف فارميسي ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنس ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنس ڊاڪٽر نانڪ رام، پي وي سي ٺٽو ڪيمپس ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي، ڊين اسلامڪ ڪلچر ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊين فيڪلٽي آف ڪامرس ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊين فيڪلٽي آف لا احمد لقمان ميمڻ، ڊاڪٽر نظام الدين چنه، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي الطاف حسين نظاماڻي، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف لا ڊاڪٽر سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عاطف حسين منگي، ڊاڪٽر محمد يوسف سومرو ۽ بابر پٺاڻ شرڪت ڪئي.