سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزاديءَ جون ٻن هفتن واريون تقريبون جاري، ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۾ رنگا رنگ پروگرام، شاگردن جي پريڊ، قومي جهنڊو جهولائڻ سان گڏ آزاديءَ جي خوشيءَ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، وائيس چانسيلر پاران ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح، مينا بازار جو به دورو
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان جي 79هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ تقريبن جو سلسلو زور شور سان جاري آهي، جنهن دوران ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ ماڊل اسڪول، ايلسا قاضي ڪيمپس حيدرآباد ۾ هڪ شاندار ۽ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وڻڪاري مهم، کاڌي پيتي جا اسٽال، ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ روايتي مينا بازار سميت مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا. تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي سينيئر آفيسرن، استادن، شاگردن ۽ اڳوڻن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري آزاديءَ جي جذبي ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. تقريب جي شروعات اسڪول جي گرائونڊ ۾ قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. بعد ۾ پاڪستان جي 79هين آزاديءَ يعني 14 آگسٽ واري ڏهاڙي جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان کانپوءِ تقريب ۾ موجود يونيورسٽيءَ جي مختلف تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پڻ هڪ هڪ ڪري ٻوٽا پوکيا ۽ آزاديءَ جي جشن سان گڏ يونيورسٽيءَ کي وڌيڪ سرسبز ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو. بعد ۾ ڊاڪٽر فتح مري شاگردن پاران لڳايل کاڌي پيتي جي اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هن شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، جوش ۽ جذبي توڙي سندن ڪوششن کي ساراهيو ۽ تقريب کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ استادن جي رهنمائي ۽ سهڪار جي پڻ واکاڻ ڪئي. وائيس چانسلر مينا بازار جو پڻ دورو ڪيو، جتي شاگردن پاران وڪري لاءِ ڪپڙا، ڀرت جو ڪم، هٿ جي هنر جون شيون ۽ ٻيون مختلف شيون رکيل هيون. ڊاڪٽر مَريءَ اسٽالن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ شاگردن کي سندن تخليقي صلاحيتن ۽ ڪاروباري جذبي کي اجاگر ڪرڻ تي همٿايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان جون تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد شاگردن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ ذميواريءَ جو احساس اجاگر ڪرڻ سان گڏ کين پنهنجي علمي، تخليقي ۽ سماجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. تقريب ۾ سنڌ ايڇ اي سي جي سيڪريٽري معين الدين قريشي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر حميده ناريجو، فيڪلٽي آف لا جي انچارج ڊاڪٽر سردار علي شاهه، سوشيالاجي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر احمد علي بروهي، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، ڪنٽرولر سيمسٽر امتحانات ۽ انسپيڪٽر آف ڪاليجز محمد معشوق صديقي، فيڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي سميت وڏي انگ ۾ استاد، اڳوڻا شاگرد ۽ موجوده شاگرد شريڪ ٿيا. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آزاديءَ جي ڏهاڙي جي ٻن هفتن واري جشن جي سلسلي ۾ علمي، ثقافتي، سماجي ۽ هم نصابي سرگرمين جو هڪ جامع پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي 79هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي 14 آگسٽ تائين جاري رهندو. اهڙيءَ طرح آزاديءَ جي تقريب 13 آگسٽ تي سيد پناهه علي شاهه ماشل اسڪول ۾ منعقد ٿيندي.