“سبز پاڪستان، سرسبز سنڌ يونيورسٽي” جي سري هيٺ سنڌالاجي ۾ وڻڪاري مهم منعقد، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ ٻين ٻوٽا پوکيا ۽ وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري: جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻن هفتن کان منعقد ٿيندڙ تقريبن جو مقصد ملڪ سان محبت جو اظهار ۽ نوجوانن ۾ حب الوطني جو جذبو وڌائڻ آهي: وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان پاڪستان جي جشن آزادي جي ٻن هفتن کان جاري تقريبن جي سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ “سرسبز پاڪستان، سرسبز سنڌ يونيورسٽي” جي سري هيٺ وڻڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري خاص مهمان طور شرڪت ڪندي ٻوٽو پوکي مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊين آرٽس فئڪلٽي ڊاڪٽر محمد خان سانگي، سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر ڊاڪٽر نانڪ رام، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، سيميسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح، علامه غلام مصطفي' قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، آرڪيالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، ڊاڪٽر رفيق وساڻ، پوليٽيڪل شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر فيصل حيدر شاهه، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي چيئرمين ڊاڪٽر مظهر عباسي، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، لياقت چاچڙ، حاڪم چانڊيو ۽ ٻين پڻ وائيس چانسلر سان گڏجي مختلف گلن ۽ ميون جا ٻوٽا پوکي ماحول دوست سرگرمي ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته جشن آزادي اسان جي قومي عيد جو موقعو آهي، جنهن کي پوري ملڪ ۾ وڏي خوشي ۽ گرمجوشي سان ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻن هفتن کان جشن آزادي جون تقريبون هلندڙ آهن، جن ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ليڪچر پروگرام، ڪوئيز ڪامپيٽيشن، تقريري ۽ راندين جا مقابلا، آرٽ جون نمائشون ۽ وڻڪاري جون تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. ٻن هفتن کان جاري هنن تقريبن جو مقصد جتي پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ ۽ حب الوطني جو جذبو وڌائڻ آهي، اتي صحتمند ۽ ماحول دوست سرگرمين کي هٿي ڏيڻ پڻ آهي. هن چيو ته سنڌالاجي طرفان “سرسبز پاڪستان، سر سبز سنڌ يونيورسٽي” جي سري سان منعقد ڪيل اڄوڪي تقريب سنڌ يونيورسٽي کي گلن جي خوبصورت ٻوٽن ۽ ميويدار وڻن ذريعي سهڻو ۽ ساوڪ ڀريو بڻائڻ وارين ڪوششن جي اهم ڪڙي آهي. هن چيو ته سنڌالاجي سهڻن گلن ۽ ٻوٽن سبب پهريان ئي منفرد آهي، نوان ٻوٽا پوکڻ سان ان جي سونهن ۾ وڌيڪ نکار ايندو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته سنڌالاجي سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، تهذيبي ۽ ادبي ورثي جي سنڀال سان گڏ ماحول جي تحفظ کي به اهميت ڏئي ٿي، جنهن جو مثال سنڌالاجي جي آڳنڌ تي پوکيل مختلف قسمن جا گل ٻوٽا، ميويدار ۽ ماحول لاءِ فائديمند وڻ آهن. ان موقعي تي هن وائيس چانسلر سميت تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/13/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزاديءَ جون ٻن هفتن واريون تقري...
View Details → 08/13/2026
1024 x 768
“سبز پاڪستان، سرسبز سنڌ يونيورسٽي” جي سري هيٺ سن...
View Details → 08/13/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں آزادی کی دو ہفتوں والی تقریبات جار...
View Details → 08/13/2026