
سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2026ع بيچلرس ۽ ٿرڊ ايئر پروگرامن ۾ داخلائن جي تاريخ ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو نئين بيچ 2026ع ۾ داخلائن لاءِ رجسٽريشن جي آخري تاريخ ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل فيصلو وائيس چانسلر پاران ملڪ ۾ ٿيل تيز برساتن، خراب موسم ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشن سڀني اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي آن لائين داخلا رجسٽريشن نئين مقرر ڪيل تاريخ تائين مڪمل ڪن.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
09/16/2025