سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ “جديد دور ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت” جي موضوع تي ليڪچر منعقد ٿيندو، تقريب جي صدارت وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو. ناميارو ليکڪ ۽ مترجم جاويد راڄپر موضوع جي مناسبت سان ليڪچر ڏيندو

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سڀاڻي اڱاري تي صبح جو 11:00 وڳي اداري جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جنھن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو. ان موقعي  تي ناميارو ليکڪ ۽ مترجم جاويد راڄپر “جديد دور ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت” جي موضوع تي ليڪچر ڏيندو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻايل تقريب ۾ وائيس چانسلر ڪتابي ميلي دوران پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ سنڌالاجيءَ جي ٽيم کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏيندو. ڊائريڪٽر سمورن ساڃاهه وندن کي هن پروقار تقريب ۾ شرڪت جي دلي ڪوٺ ڏني آهي .

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/16/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2026ع بيچلرس ۽ ٿرڊ ا...
View Details → 09/16/2025
1024 x 768
سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ “ج...
View Details → 09/16/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کا تعلیمی سال 2026ء کے تحت بیچلر اور تھرڈ...
View Details → 09/16/2025