
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٻوٽن جي پوکائي مهم شروع ڪري ڇڏي، وڻ ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ لاءِ ضروري ۽ ايندڙ نسلن لاءِ تحفو قرار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ گذريل ڏينهن سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر ۾ ٻوٽو پوکي وڻن جي پوکائي واري مهم جو افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي وڻن کي ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ لاءِ موثر توڙي ضروري ۽ ايندڙ نسلن لاءِ تحفو قرار ڏيئي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ چيو ته وڻن جي پوکي ملڪ جي ماحولياتي نظام لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته وڏي پيماني تي ٻوٽن جي پوکي مهم گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻوٽن جي پوکي مهم شروع ڪرڻ ته سولو آهي پر ٻوٽن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن جي وڻ بڻجڻ تائين سار سنڀال تمام ڏکيو ڪم آهي. تنهن ڪري، هر شاگرد جي ذميواري آهي ته هو انهن ٻوٽن جي سنڀال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هر سال سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ لکين ٻوٽا پوکيا ويندا آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن مان گهڻا خيال ۽ سار سنڀال جي کوٽ سبب مرجهائي وڃن ٿا. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ٻوٽن جي پوکي کي جاري رکڻ خير جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته وڻ قيمتي سرمايو آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ نوجوانن کي وڻ پوکڻ ۾ شامل ڪيو وڃي ته ڪيمپس صاف سٿرو ۽ سرسبز ٿي ويندو. هن زور ڀريو ته وڻن جي پوکي مهم باقاعدگي سان ٿيڻ گهرجي ۽ شاگردن ۽ اداري کي گهرجي ته پوکيل ٻوٽن جي سار سنڀال ڪن. وائيس چانسلر چيو ته هر شهري کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو ضرور پوکڻ گهرجي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ تحفو هوندو. ان موقعي تي فئڪلٽي آف سوشل سائنس جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊائريڪٽر ايس ڊي ايس سي ڊاڪٽر ارم خوشنود، سميسٽر امتحانن جو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، ڊاڪٽر ڪرن سميع ميمڻ، منور راڄڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.