ورلڊ بئنڪ پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ فشريز اڪواڪلچر ليبارٽري قائم ڪرڻ جو فيصلو، جلد حتمي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿينديون، ڄاڻايل پروگرام لاءِ وي سيءَ ڊاڪٽر محمد يونس لغاريءَ کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو.

ورلڊ بئنڪ جي هڪ وفد ڊاڪٽر عبدالله سيٺار جي اڳواڻيءَ ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ فشريزاڪواڪلچر ليبارٽري قائم ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ڄاڻايل ليبارٽري ورلڊ بئنڪ جي هڪ اهم  پروگرام هيٺ قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ مٽي ۽ پاڻيءَ جي ٽيسٽنگ، آبي خوراڪ، پيٿالاجي ۽ جينيٽڪس جي چڪاس ٿي سگهندي. ليبارٽري جي قيام جو مقصد آبي ذخيرن بابت تحقيق کي وڌائڻ، نواڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي فشريز شعبي کي مضبوط ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله سيٺار چيو ته ورلڊ بئنڪ جديد اوزار، سامان ۽ ليبارٽري جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي ته جيئن عالمي معيار موجب ريسرچ ۽ ترقي جا ڪم ڪري سگهجن. ڄاڻايل منصوبي وسيلي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا، جن ۾ ٽريننگ پروگرام، شارٽ ڪورسز ۽ ڊپلوما شامل آهن. ملاقات ۾ ورلڊ بئنڪ جا ٽيڪنيڪل ماهر ڊاڪٽر سميره ۽ معيد شرڪت ڪئي، جڏهن ته يونيورسٽي طرفان ڊائريڪٽر اوريڪ پروفيسر ڊاڪٽر فرحت نورين، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف فشريز ۽ اڪوئٽڪ سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري ۽ ڊاڪٽر محمد يونس لغاري موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽي ليباريٽري جي قيام بابت مسودو تيار ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد يونس لغاري کي پروگرام لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو. جلد ئي هڪ دستخطي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا اڳواڻ صحيحون ڪندا. ڄاڻايل شراڪت پاڪستان ۾ فشريز اڪواڪلچر جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي، جنهن سان سنڌ يونيورسٽي ڄاڻايل شعبي ۾ تحقيق، نواڻ ۽ صنعتي واڌ ويجهه جو مرڪز بڻجندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/18/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٻوٽن جي پوکائي مهم ...
View Details → 09/18/2025
1024 x 768
ورلڊ بئنڪ پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ فشريز اڪواڪلچر لي...
View Details → 09/18/2025
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ نے شجرکاری مہم کا آغاز کردیا، در...
View Details → 09/18/2025