
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ انٽري ٽيسٽ 2026ع جي مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اجلاس، تيارين بابت بريفنگ، ٽيسٽ 12 ۽ 19 آڪٽوبر تي ٻن مرحلن ۾ منعقد ٿيندي، پهرئين مرحلي ۾ 9156 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 9289 کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺندا: ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس الڳ ٿيڻ باوجود هيل 22 هزار کان وڌيڪ اميدوارن داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون (ڊاڪٽر اياز ڪيريو جي بريفنگ)داخلائن جي تاريخ ۾ 3 آڪٽوبر تائين هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جي صدارت هيٺ پري انٽري ٽيسٽ 2026ع جي تيارين جي جائزي لاءِ مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين مختلف بيچلر ۽ بي ايس ٽئين سال ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 22 هزار کان وڌيڪ آن لائين درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر ايڊميشن پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه ڪئمپس لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص الڳ ٿيڻ باوجود هن ڀيري بيچلر جي مختلف پروگرامن لا مجموعي طور 19433 درخواستون وصول ٿيون، جنهن ۾ مين ڪئمپس لاءِ 18445، لاڙ ڪئمپس بدين لاءِ 433، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو لاءِ 408، ٺٽي ڪئمپس لاءِ 114 ۽ نوشهروفيروز ڪئمپس لاءِ 93 درخواستون شامل آهن. هن چيو ته بي ايس ٽئين سال ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 2495 درخواستون وصول ٿيون، جن ۾ مين ڪئمپس لاءِ 2400، بدين لاءِ 28، دادو لاءِ 42، ٺٽي لاءِ 9 ۽ نوشهروفيروز لاءِ 16 درخواستون شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اورينٽل عربڪ ڪورس (هڪ سالا ڊپلوما) لاءِ 42 درخواستون موصول ٿيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ 12 آڪٽوبر تي 14 ضلعن دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻو، مٽياري، نوشهروفيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگهڙ، نواب شاهه، شڪارپور، سکر، ڪراچي ڊويزن ۽ ٻين صوبن جي اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن دوران 1771 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9156 اميدوار انٽري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪندا. اهڙيءَ طرح ٻئي مرحلي ۾ 19 آڪٽوبر تي بدين، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، سجاول، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ضلعن مان مجموعي طور 9289 اميدوار حصو وٺندا. اجلاس ۾ بلڊنگ مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو امتحاني هالن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. رفيق علي بروهي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر عرفانه ملاح تجويز ڏني ته اڄڪلهه ڏينهن جو سخت گرمي آهي، تنهنڪري ڪاريڊورن ۾ ڪو به امتحاني سينٽر قائم نه ڪيو وڃي ۽ ڪلاس رومز ۾ اميدوارن کي ايڊجسٽ ڪيو وڃي. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سڀئي ڪنوينر تجربيڪار آهن، تنهنڪري هر ڪو پنهنجو ڪم بهترين انداز ۾ ڪري ته جيئن ڪو مسئلو درپيش نه اچي ۽ ٻنهي مرحلن جي ٽيسٽ خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. هوڏانهن ڊائريڪٽر ايڊميشن ڊاڪٽر اياز ڪيريو ٻن ڏينهن تائين اِي پورٽل اڪائونٽ کولي ڇڏيا آهن ۽ داخلا جا خواهشمند اميدوار 3 آڪٽوبر تائين ان لائين پنهنجا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا.