سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) پاران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سهڪار سان قائم ٿيل فوزيه ڪليڪشن هينڊي ڪرافٽس سينٽر جو افتتاح: ھينڊي ڪرافٽس سينٽر ۾ سنڌ جي روايتي هٿ جي هنرن سان تيار ڪيل اجرڪ، ٽوپيون، ڪڙهائيءَ جا نمونا، دستڪاريءَ جون سوکڙيون، گهريلو سجاوٽ جون شيون، هٿ سان تيار ڪيل هيڊ بيگس ۽ خوبصورت فن پارا وڪري لاءِ رکيا ويا: سينٽر جي قيام سان سنڌالاجي ايندڙ سياحن کي ثقافتي شيون خريدڻ ۾ آساني ٿيندي، سينٽر جي قيام سان ھٿ ذريعي ٺھندڙ شين کي وڌيڪ ھٿي ملندي، روزگار جا ذريعا وڌندا: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد مري جو افتتاحي تقريب کي خطاب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سهڪار سان ڪتاب گهر ڀرسان نئين قائم ڪيل “فوزيه ڪليڪشن” هينڊي ڪرافٽس سينٽر جو  افتتاح ڪيو. ھينڊي ڪرافٽس سينٽر ۾ سنڌ جي روايتي هٿ جي هنرن سان تيار ڪيل اجرڪن جا قسم، ٽوپيون، ڪڙهائيءَ جا نمونا، دستڪاريءَ جون سوکڙيون، گهريلو سجاوٽ جون شيون، هٿ سان تيار ڪيل هيڊ بيگس ۽ مختلف آرٽسٽن جا ٺاهيل آرٽ جا خوبصورت فن پارا وڪري لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌالاجي ايندڙ سياحن ھينڊي ڪرافٽس سينٽر ۾ گھرن ۽ آفيسن جي سجاوٽ لاءِ رکيل شين، تحفن ۽ ھٿ جي ھنر سان تيار ڪيل ٽوپين، اجرڪ، ھينڊ بيگس ۽ ٻين سوکڙين ۾ دلچسپي ورتي. ان موقعي تي وائيس چانسلر شريڪ مهمانن سان گڏ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل  دستڪاريءَ جي شين ۽ آرٽ جي فن پارن جو جائزو ورتو ۽ انهن جي معيار ۽ خوبصورتي کي ساراهيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ فني ورثي جي امين آهي. هن چيو ته هٿ جا هنر ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندا آهن ۽ انهن جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه سان ئي اسان پنهنجي ثقافتي ورثي کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري سگهون ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا هنرمند ۽ آرٽسٽ پنهنجي محنت، مهارت ۽ تخليقي صلاحيتن وسيلي اهڙا شاهڪار تخليق ڪن ٿا، جيڪي نه رڳو سنڌ پر پوري دنيا ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. آرٽ جا فن پارا سماج جي فڪري، جمالياتي ۽ ثقافتي قدرن جي عڪاسي ڪن ٿا، تنهن ڪري انهن جي سرپرستي ۽ واڌاري لاءِ ادارتي سطح تي قدم کڻڻ ۽ سهڪار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اهم علمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري سنڌالاجي جي سهڪار سان اداري جي ڪتاب گهر سان گڏ قائم ٿيل هن هينڊي ڪرافٽس سينٽر سان نه رڳو يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هزارين شاگردن، ملڪ جي مختلف شهرن ۽ پرڏيهه مان ميوزيم گهمڻ ايندڙن کي ثقافتي شيون خريد ڪرڻ جو موقعو ملندو پر مقامي هنرمندن لاءِ پڻ بهترين پليٽ فارم ثابت ٿيندو، جتي هو پنهنجي هنر کي متعارف ڪرائي ۽ معاشي طور به فائدو حاصل ڪري سگهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي مرڪز سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ دستڪاري جي هنر کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هميشه علمي، ادبي سرگرمين سان گڏ ثقافتي سرگرمين کي پڻ هٿي وٺرائيندو رهيو آهي، اداري جي ميوزيم ۾ سنڌ جي روايتي هنر، ثقافتي شين ۽ هنرمند قبيلن کي نمايان جڳهه ڏني وئي آهي ته جيئن ڏيهه پرڏيهه مان ايندڙن کي سنڌ جي شاهوڪار تهذيبي ورثي بابت آگاهي ملي سگهي. هن چيو ته اداري جي مهڙ ۾ ئي ڪتاب گهر ڀرسان هينڊي ڪرافٽس سينٽر لاءِ جڳهه مهيا ڪري ڏيڻ جو مقصد  هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ هنرمندن لاءِ روزگار جو موقعو پيدا ڪرڻ پڻ آهي. هن وائيس چانسلر جي سهڪار جي خصوصي مهرباني مڃيندي چيو ته سندس رهنمائي ۽ سهڪار جي نتيجي ۾ سنڌالاجي وڌيڪ ترقي ۽ بهتري طرف وڌي رهي آهي. ان موقعي تي  “فوزيه ڪليڪشن” هينڊي ڪرافٽس سينٽر جي هيڊ فوزيه جوڻيجو وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر سنڌالاجي جي سهڪار جي مهرباني مڃيندي چيو ته هن سينٽر جو مقصد روزگار سان گڏ سنڌ جي روايتي هنر، دستڪاري ۽ فنون لطيفه جي واڌ ويجهه سان گڏ مقامي  ڪاريگرن جي همٿ افزائي ڪرڻ پڻ آهي. هن چيو ته سينٽر تي نهايت ئي رعايت سان معياري شيون مهيا ڪيون وينديون.  تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، “فوزيه ڪليڪشن” هينڊي ڪرافٽس سينٽر جي هيڊ فوزيه جوڻيجو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيميسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر عرفانه ملاح،  شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح، پروفيسر بينظير جوڻيجو، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو، سپلا اڳواڻ انور منصور مڱريو، ڊاڪٽر حميره هڪڙو، لياقت رضوي، ڊاڪٽر رشيده ڀٽي، ثمينه ميمڻ، سبين، پروفيسر محمد علي لغاري، پروفيسر عبدالحڪيم شهوڪ، ڊاڪٽر عبدالمجيد مڱريو، فرقان سومرو، واحد پارس هيسباڻي، سلميٰ قيوم شيخ، آغا عتيق احمد پٺاڻ، سلطان احمد چانڊيو سميت مختلف علمي ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/17/2026
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
SU VC Dr Marri inaugurates handicrafts centre to promote Sindh’s cultural heritage
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 06/17/2026