سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ وچ ۾ ڪيمپس ۽ رهائشي ڪالوني مان ڪچرو کڻڻ بابت معاهدي تي صحيحون، وائيس چانسلر ۽ ايم ڊي سالڊ ويسٽ بورڊ ايم او يو تي صحيحون ڪيون
ماحول کي وڌيڪ صاف ۽ سرسبز بڻائڻ جي هڪ اهم قدم طور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ وچ ۾ هڪ تاريخي مفاهمت نامي تي صحيضون ڪيون آهن، جنهن تحت سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۽ رهائشي علائقن مان ڪچرو صاف ڪرڻ ۽ تلف ڪرڻ جو منظم نظام قائم ڪيو ويندو۔ هي مفاهمتي ياداشت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق نظاماڻي وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ هڪ تقريب دوران مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون، جنهن کان پوءِ فيٿا ڪٽڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي۔ تقريب ۾ سينيئر استادن، يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ بورڊ جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ معاهدي تحت سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ رهائشي ٻنهي علائقن مان ڪچرو گڏ ڪري ان کي صحيح طريقي سان تلف ڪندو۔ بورڊ پاران ڪيمپس ۾ مخصوص هنڌن تان ۽ ڪالوني ۾ گهر گهر مان ڪچرو کنيو ويندو، جڏهن ته هي سڀ سهولتون بنا معاوضي جي مهيا ڪيون وينديون۔ گڏوگڏ ڪچري جا دٻـا ۽ ڊسٽ بنز مختلف هنڌن تي رکيا ويندا ته جيئن صفائي جو نظام وڌيڪ منظم ٿي سگهي۔ صحافين سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي ڪيمپس ۾ وڌندڙ ڪچري جي مسئلي تي سخت ڳڻتي هئي، جيڪو نه رڳو مادرِ علمي جي خوبصورتي کي متاثر ڪري رهيو هو، پر شاگردن، استادن ۽ رهواسين لاءِ صحت جا خطرا به پيدا ڪري رهيو هو۔ هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ سان هي گڏيل معاهدو اسان جي ڪيمپس لاءِ هڪ نئون دور شروع ڪري ٿو۔ اسان پرعزم آهيون ته سنڌ يونيورسٽي کي ملڪ جي صاف سٿري ۽ ماحول دوست يونيورسٽين ۾ شامل ڪنداسين۔ صاف ۽ خوشصورت ڪيمپس ان جي رهواسين جي نظم، ثقافت ۽ شهري شعور جي علامت آهي۔ ڊاڪٽر مري وڌيڪ چيو ته هي قدم سنڌ يونيورسٽي جي ماحولياتي پاليسي جو حصو آهي، جنهن ۾ وڻڪاري مهمون، گندي پاڻي جي انتظام ۽ شاگردن ۽ عملي ۾ ماحول دوست عادتون فروغ ڏيڻ جهڙا عمل شامل آهن۔ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو ٻنهي ادارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ هڪ فعال اداري طور سنڌ کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ پنهنجو نيٽ ورڪ تيزيءَ سان وڌائي رهيو آهي۔ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يقين ڏيارڻ بعد سنڌ حڪومت جلد سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ سهولت فراهم ڪندي۔ سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ شاگردن لاءِ آخري اميد آهي، اسان جي حڪومت ان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن مدد ڪندي۔ ڊاڪٽر شورو چيو ته سنڌ يونيورسٽي رڳو هڪ تعليمي ادارو نه آهي پر سنڌ جي تعليمي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي علامت آهي، ان کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ سنڌ حڪومت جو مقصد آهي ته صوبي جي هر ضلعي ۽ اداري تائين سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جون خدمتون پهچايون وڃن۔ هي مفاهمت نامو انهيءَ ويزن جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جيڪا نوجوانن ۾ ماحولياتي شعور وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔ سندھ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق نظاماڻي چيو ته بورڊ کي ملڪ جي قديم يونيورسٽي سان شراڪت تي فخر آهي۔ هن چيو ته اسان سنڌ يونيورسٽي تائين پنهنجا آپريشنز وڌائڻ تي خوش آهيون۔ ڄامشوري علائقي ۾ ڪچري کي گڏ ڪرڻ، الڳ ڪرڻ ۽ کڻي وڃي تلف ڪرڻ لاءِ مڪمل منصوبه بندي ڪئي وئي آهي۔ جديد گاڏيون، تربيت يافته عملي ۽ سامان جي مدد سان صفائي جو عمل وڌيڪ ڪارگر بڻايو ويندو۔ طارق نظاماڻي يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ رهواسين کي اپيل ڪئي ته هو به صفائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪچرو صحيح طريقي سان ڦٽو ڪن۔ ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته صفائي جي قيام لاءِ عوامي سهڪار تمام ضروري آهي۔ هن چيو ته ڪيمپس ۽ رهائشي علائقن ۾ ڪچري جي موجودگي هڪ پراڻو مسئلو هو، پر هاڻي بورڊ جي شموليت سان اميد آهي ته اهو مسئلو پائيدار طريقي سان حل ٿي ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته يونيورسٽي انتظاميا بورڊ جي ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪندي ۽ معاهدي تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي۔ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو چيو ته هي قدم سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ رهائشي ماحول ۾ نمايان بهتري آڻيندو. هن چيو ته سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جا قدم تعريف لائق آهن ۽ يونيورسٽي انتظاميا انهن سان مڪمل سهڪار ڪندي ته جيئن مادرعلمي کي صاف، خوبصورت ۽ آلودگي کان پاڪ بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته صفائي برقرار رکڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ شاگردن کي صاف ۽ خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي۔ هن چيو ته ڄاڻايل منصوبي جي شروعات ڪري سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ اهو عزم ظاهر ڪيو ته اهو ڪچري جي غير ذميوارانه عملن جي خاتمي ۽ صفائي، ذميواري ۽ ماحولياتي شعور جي ثقافت کي هٿي ڏيندو. واضح رهي ته ڄاڻايل معاهدو سنڌ يونيورسٽي جي جديد بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ استادن، شاگردن ۽ رهواسين جي زندگيءَ جي معيار ۾ اضافي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن بعد قومي ترانو وڃايو ويو.