ٿليسيميا کان بچاءُ ممڪن آهي: سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيمينار ۾ اسڪريننگ جي اهميت تي زور؛ جيڪڏهن وقت سر اسڪريننگ ۽ آگاهي ڏني وڃي ته بيماريءَ تي مڪمل طور ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو، نوجوانن جي شاديءَ کان اڳ ٿليسيميا جي چڪاس ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي: ڊاڪٽر دُرِ ناز جمال جو سيمينار کي خطاب

”ٿليسيميا کان بچاءُ ممڪن آهي: اسڪريننگ ئي اهم آهي“ جي سري هيٺ هڪ اهم سيمينار سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽئگس پاران پرين رسول ٿليسيميا ڪيئر ٽرسٽ بلڊ بئنڪ ۽ ليبارٽري جي سهڪار سان گذريل ڏينهن منعقد ڪيو ويو. سيمينار انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ ٿيو، جنهن جو مقصد شاگردن ۾ ٿليسيميا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ سندن مفت اسڪريننگ ٽيسٽون ڪرائڻ هو۔ ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊين فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، مينيجر پريس سيد سجاد حسين شاهه ۽ وڏي انگ ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي۔ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر دُرِ ناز جمال چيو ته ٿليسيميا هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج ۽ روڪٿام لائق بيماري آهي۔ هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن وقت سر اسڪريننگ ۽ آگاهي ڏني وڃي ته ان تي مڪمل طور ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو، خاص طور شادي کان اڳ نوجوانن جي چڪاس ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻنهي مڙس ۽ زال کي ٿليسيميا مائنر آهي ته امڪان آهي ته سندن ٻار ٿليسيميا ميجر سان پيدا ٿيندو پر جيڪڏهن زال کي ٿليسيميا مائنر هجي ۽ مڙس صحتمند هجي ته ٻار صحتمند ڄمندو، تنهن ڪري شادي کان اڳ اسڪريننگ تمام ضروري آهي. ڊاڪٽر دُرِ ناز جمال زور ڀريو ته تعليمي ادارن کي جينياتي بيمارين بابت آگاهي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يونيورسٽيون باقاعده رت جي اسڪريننگ ڪيمپن ۽ آگاهي سيشنز منعقد ڪري شاگردن کي باخبر ۽ ذميوار شهري بڻائي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته باقاعده رت جي جاچ، جينياتي صلاحڪاري ۽ آگاهي ذريعي پاڪستان ۾ ٿليسيميا جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، جتي اها بيماري اڃا تائين هڪ سنجيده صحت عامه جو مسئلو آهي۔ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري بيورو آف اسٽئگس ۽ پرين رسول ٿليسيميا ڪيئر ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون يونيورسٽي جي صحت عامه ۽ سماجي ذميواريءَ جي وابستگيءَ جو ثبوت آهن. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي پرين رسول ٿليسيميا ڪيئر ٽرسٽ بلڊ بئنڪ ۽ ليبارٽري جي ٽيم شاگردن جا مفت ٿليسيميا اسڪريننگ ٽيسٽون ڪيون.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/16/2025
Announcements
1024 x 768
ٿليسيميا کان بچاءُ ممڪن آهي: سنڌ يونيورسٽيءَ جي س...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماهرن سنڌ ۾ ڳوٺاڻي معيشت ۽ عوامي بهبود لاءِ موسمي ...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماہرین نے سندھ میں دیہی معیشت اور عوامی بہبود کے ل...
View Details → 10/16/2025