ماهرن سنڌ ۾ ڳوٺاڻي معيشت ۽ عوامي بهبود لاءِ موسمي تبديليءَ کي خطرناڪ قرار ڏيئي ڇڏيو، ڪلائيميٽ چينج هن صديءَ جو سڀ کان وڏو عالمي چئلينج بڻجي چڪو آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪري رهيو آهي، سنڌ سميت ترقي پذير علائقا متاثر ٿي رهيا آهن. موسمي تبديلين سبب هاڻي گرمي ۽ ٿڌ جو توازن قائم نه رهيو آهي، برساتن جو نمونو مڪمل طور بدلجي ويو آهي، جنهن سبب سنڌ سميت ملڪ ۾ نون موسمي مسئلن جنم ورتو آهي، صوبي اندر هاڻي موسم انتهائي حالتن ڏانهن وڌي رهي آهي، گرميءَ ۾ تمام گهڻي تپش ۽ سياري ۾ سخت ٿڌ محسوس ڪئي وڃي ٿي، انکي ئي اسان موسمي تبديلي چئون ٿا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل سيمينار کي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري، ناصر علي پنهور، ڊاڪٽر نانڪ رام، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر علي اڪبر هنڱورو، ڊاڪٽر راشد علي کهڙو ۽ ٻين جو خطاب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن پاران ”ڳوٺاڻي سنڌ ۾ موسم جي تبديليءَ جي مقابلي جي صلاحيت ۽ عوامي ڀلائي“ جي سري هيٺ هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر مريءَ سي آر ڊي سي کي اهڙي تعليمي ۽ شاگردن جي شموليت سان منعقد ٿيل معلوماتي سيمينار جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته موسمي تبديلي هن صديءَ جو سڀ کان وڏو عالمي چيلينج بڻجي چڪو آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪري رهيو آهي، خاص طور سنڌ سميت ترقي پذير علائقا متاثر ٿي رهيا آهن. موسمي تبديلين سبب هاڻي گرمي ۽ ٿڌ جو توازن قائم نه رهيو آهي، برساتن جو نمونو مڪمل طور بدلجي ويو آهي، جنهن سبب سنڌ سميت ملڪ ۾ نون موسمي مسئلن جنم ورتو آهي. ڊاڪٽر مريءَ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هاڻي موسم انتهائي حالتن ڏانهن وڌي رهي آهي، گرمي ۾ تمام گهڻي تپش ۽ سياري ۾ سخت ٿڌ محسوس ڪئي وڃي ٿي، انکي ئي موسمي تبديلي چئون ٿا. هن چيو ته سنڌ جا سامونڊي ۽ ريگستاني علائقا هن تبديليءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. سامونڊي سطح ۾ واڌ، زمين جي ڪٽائي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڳوٺاڻي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو آهي. وائيس چانسلر زور ڀريو ته سنڌ يونيورسٽي ماحولياتي تعليم، تحقيق ۽ عوامي شموليت ذريعي مقامي سطح تي موسم جي تبديليءَ جي مقابلي لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته پاڪستان اندر سڀ کان وڌيڪ قدرتي آفتن لاءِ حساس علائقو سنڌ آهي، جنهن جي جاگرافيائي حيثيت، سماجي ۽ معاشي ڪمزوري ۽ موسمي حالتن سبب خطرو وڌيڪ آهي. هن چيو ته سال 2022ع ۾ سنڌ ۾ 30 سالن جي مقابلي ۾ 400 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، جنهن ڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ زرعي زمينون پاڻيءَ هيٺ اچي ويون ۽ خوراڪ جي سلامتي کي خطرو پيدا ٿيو. ماحولياتي ماهر ناصر علي پنهور چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي موسم جي تبديليءَ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسانجو ملڪ انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمي اثرن کان تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا۔ هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اڄڪلهه ترقياتي منصوبن جي تياريءَ دوران پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جو خيال نٿو رکيو وڃي، جنهن سبب برساتن ۽ ٻوڏن دوران وڏي تباهي ٿئي ٿي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ جڏهن ريلوي لائينون وڇايون وينديون هيون ته انجنيئر پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن لاءِ پل ۽ گذرگاهون ٺاهيندا هئا پر اڄ جي جديد دور ۾ اهو احتياط نظر نٿو اچي، جنهن جا نتيجا اسان کي هر ٻوڏ ۾ ڀوڳڻا پون ٿا. فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته سيمينار جو موضوع نهايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان شاگردن ۽ استادن کي عملي ڄاڻ فراهم ڪئي. هن چيو ته موسمي تبديليءَ جي مقابلي جي سگهه صرف عام ڳالهه نه آهي پر اها سماجي ذميواري به آهي، اسان کي پائيدار زراعت، پاڻيءَ جي بچت ۽ آگاهيءَ ذريعي پنهنجن ماڻهن کي تيار ڪرڻو پوندو. سينئر صحافي ممتاز بخاريءَ چيو ته سنڌ گذريل ڪجهه سالن ۾ بار بار ايندڙ ٻوڏن جي تباهين مان گذري رهي آهي، جنهن لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ هزارين گهر تباهه ٿيا. هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پنج موسمون آهن، جن ۾ سيارو، اونهارو، بهار ۽ سرءُ کانسواءِ ڄاڻ توڙي محبت جي موسم پڻ شامل آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جو تعليمي ماحول انتهائي متحرڪ ۽ شاگرد دوست آهي. هن 2022ع ۽ 2025ع جي ٻوڏن جون تصويرون ڏيکاريون ۽ ٻڌايو ته هاڻي ڪلائوڊ برسٽ (ڪڪر ڦاٽڻ) ۽ بي ترتيب برساتون وڌيڪ شديد ۽ خطرناڪ ٿي چڪيون آهن۔ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي اڪبر هنگورو چيو ته ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ موسمي تبديلين سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، جيڪڏهن روزگار جا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن پر ماحولياتي استحڪام کي نظرانداز ڪيو وڃي ته اهي ڪوششون بيڪار ثابت ٿين ٿيون. هن خبردار ڪيو ته پائيدار ترقي تيستائين ممڪن نه ٿيندي، جيستائين موسمي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم نٿا کنيا وڃن. هن چيو ته جڏهن گليشيئر وگهرن ٿا، سمنڊ جي سطح وڌي ٿي ۽ گرميءَ جي شدت ۾ به واڌ ٿئي ته ان سان سڄو ماحولياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. ڳوٺاڻي معيشت جو تقريبن 99 سيڪڙو حصو زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙين موسمي حساس شعبي تي ڀاڙي ٿو، تنهنڪري انهن ۾ سيڙپڪاري لازمي آهي. سي آر ڊي سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راشد کهڙو مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سينٽر شاگردن ۽ ڪميونٽي ۾ موسمي تبديليءَ جي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته تعليم، تحقيق ۽ ڪميونٽي ڀائيواري ئي هڪ لچڪدار ۽ ماحول دوست سنڌ ٺاهڻ جو رستو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايريا اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنه، ڊاڪٽر دستار چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالرزاق ڇڇر، ظفر منگي، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر سلمان احمد، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ناول نگار ڪليم ٻـُٽ ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/16/2025
Announcements
1024 x 768
ٿليسيميا کان بچاءُ ممڪن آهي: سنڌ يونيورسٽيءَ جي س...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماهرن سنڌ ۾ ڳوٺاڻي معيشت ۽ عوامي بهبود لاءِ موسمي ...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماہرین نے سندھ میں دیہی معیشت اور عوامی بہبود کے ل...
View Details → 10/16/2025