
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف راندين لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن جي چونڊ مڪمل، جوڊو، ريسلنگ، باڪسنگ ۽ ٻين راندين لاءِ به اميدوارن جي چونڊ: جلد ڪئمپون قائم ٿينديون، چونڊيل رانديگرن کي تربيت ڏيئي نومبر ۾ هيڪ پاران شروع ٿيندڙ قومي سطح جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ موڪليو ويندو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ۽ ڊائريڪٽر اسپورٽس (گرلز) ڊاڪٽر زرين ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ٽرائيلز مڪمل ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن جوڊو، جوجٽسو، وِشو، ريسلنگ، تائيڪوانڊو ۽ باڪسنگ جي ٽيمن لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ٽرائيلز ورتا ويا. ٽرائيلز حيدر بخش جتوئي پويلين ۽ گرلز جمنازيم ۾ منعقد ٿيا، جتي ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف راندين جا ٽرائيلز ڏنا. هوڏانهن مختلف راندين لاءِ چونڊيل ٽيمن جون تربيتي ڪئمپون جلد لڳايون وينديون، جتي ماهر پنهنجي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيمن کي تربيت ڏيئي قومي مقابلن لاءِ تيار ڪندا، جيڪي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران قومي سطح تي نومبر ۾ رٿيل آل پاڪستان انٽر ورسٽيز ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺنديون.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
10/17/2025