سنڌ يونيورسٽي پاران مختلف پروگرامز جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رليف ڏيندي ڪيترن ئي پروگرامز لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ اهم واڌ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل مختلف سرڪيولرز ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ڄاڻايوآهي ته سيمسٽر امتحاني فيس ۽ فارم آن لائين جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 آڪٽوبر 2025ع تائين وڌائي ويئي آهي، جيڪا بغير ڪنهن ليٽ فيس جي لاڳو ٿيندي. ان کان اڳ اها تاريخ 20 آڪٽوبر 2025ع مقرر هئي. ڄاڻايل فيصلو مختلف لاڳاپيل ڪاليجن ۽ ادارن جي درخواستن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. سرڪيولرن ۾ وڌيڪ هدايت ڪئي ويئي آهي ته سڀني ڪاليجن جا پرنسيپال يقيني بڻائن ته امتحاني فارم 30 آڪٽوبر 2025ع تائين ڪنٽرولر جي آفيس ۾ لازمي طور جمع ڪرايا وڃن. ڄاڻايل واڌ مختلف پروگرامز تي لاڳو ٿيندي، جن ۾ بي سي ايس (3 ساله پروگرام)، اي ڊي ايس (باٽني) 2 ساله پروگرام، بي بي اي (آنرز)، بي ايس (سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، بي ايس (انفارميشن ٽيڪنالاجي) 4 ساله پروگرامز، بي ايس 4 ساله پروگرام جا مختلف شعبا جهڙوڪ ڪامرس، انگريزي ۽ ڪيمسٽري، اي ڊي اي ۽ بي.ايڊ (II) پروگرامز، ايم بي اي (ايوننگ) ۽ ريگولر ايم بي اي 4 ساله پروگرامز ۽ ايل ايل بي (آنرز) 5 ساله پروگرام شامل آهن. ڪنٽرلر واضح ڪيو آهي ته 30 سيپٽمبر 2025ع تي جاري ڪيل اصلي نوٽيفڪيشنن ۾ ڏنل ٻيا سڀ شرط ۽ ضابطا ساڳيا رهندا. شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن ذريعي نئين مقرر ڪيل مدي اندر پنهنجا فارم جمع ڪرائين.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/22/2025
Announcements
1024 x 768
SU Vice-Chancellor inaugurates student card scanning system at boys’ hostels
View Details → 04/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري پارا...
View Details → 04/02/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ ڈاکٹر فتح مری کی جانب سے بوائز ہا...
View Details → 04/02/2026