سنڌ يونيورسٽي پاران عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن سان گڏجي خوراڪ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ”سٺي خوراڪ، سٺي صحت لاءِ“ جي سري هيٺ سيمينار جو اهتمام
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽئگس پاران خوراڪ ۽ زراعت واري عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن سان گڏجي خوراڪ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي “سٺي خوراڪ، سٺي صحت لاءِ” جي سري هيٺ سيمينار جو اهتمام شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي استادن، انتظامي عملدارن، شاگردن ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي، جن خوراڪ، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڳانڍاپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ مهمانِ خاص جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته خوراڪ ۽ غذائيت کي فردي ۽ اجتماعي ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته ٽن سالن کانپوءِ شيخ اياز آڊيٽوريم کي ٻيهر فنڪشنل ڏسڻ انتهائي خوشيءَ جو لمحو آهي، هي رڳو ڪنهن شاندار آڊيٽوريم جي ٻيهر کلڻ جي ڳالهه ناهي، پر اهو اصل ۾ فڪري ۽ ثقافتي تحرڪ جي واپسيءَ جو اشارو آهي. ڊاڪٽر مريءَ چيو ته خوراڪ جي سلامتي قومي استحڪام ۽ انساني ترقيءَ جو بنياد آهي. ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جيڪڏهن ان جا ماڻهو بکيا هجن. هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ جي سلامتيءَ جو مطلب صرف خوراڪ تائين رسائي نه پر هر شهري لاءِ صحت مند، سستي ۽ پائيدار خوراڪ جي فراهمي آهي. وائس چانسلر زور ڀريو ته يونيورسٽيون اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪن ته زراعت ۽ غذائيت ۾ تحقيق، آگاهي ۽ نواڻ کي هٿي ملي سگهي ٿي. هن مقامي سطح تي خوراڪ جي بهترين نظام جي ضرورت تي زور ڏيندي نوجوان محققن کي ماحول دوست زراعت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي. سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته خوراڪ جي کوٽ جا سماجي ۽ معاشي اثر گهڻ رخي آهن. خوراڪ وارو عالمي ڏينهن رڳو هڪ يادگار نه آهي پر اهو ڏهاڙو حقيقت ۾ اسان جي گڏيل ذميواريءَ کي ياد ڏيارڻ آهي. هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ تعليم، صحت ۽ معيشت تي سڌي اثرانداز ٿئي ٿي، تنهنڪري پاليسي سازن، استادن، هارين ۽ شهري سماج کي گڏجي انصاف تي ٻڌل خوراڪ جي نظام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائندي مسٽر جوليس چيو ته هلندڙ سال جي خوراڪ جي عالمي ڏينهن جو موضوع “پاڻي ئي زندگي آهي، پاڻي ئي خوراڪ آهي، ڪنهن کي به پوئتي نه ڇڏيو. آهي. هن چيو ته دنيا جيان پاڪستان ۾ به لکين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ، آبهوا جي تبديلي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ معاشي بحران سبب متاثر آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته اسان خوراڪ جي پيداوار ۽ استعمال جو طريقو نئون سوچي ڏسون. هن شاگردن کي صلاح ڏني ته هو غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي چونڊ ڪن ۽ واپرائين، ڇاڪاڻ ته هر سٺو کاڌو پائيداريءَ ۽ عزتِ نفس ڏانهن هڪ ننڍڙو قدم آهي. سٺي خوراڪ ڪو عيش نه پر هڪ حق ۽ ذميواري آهي. سيشن جي شروعات بيورو آف اسٽئگس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري جي آجيان واري تقرير سان ٿي، جنهن چيو ته خوراڪ وارو عالمي ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته خوراڪ انسانيت کي ڳنڍي ٿي، اسان جي قوم جي طاقت ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان سڀني لاءِ خوراڪ جي فراهمي ڪيئن يقيني بڻايون. بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبانه تنيو تقريب جي پڄاڻيءَ تي سڀني مهمانن، شرڪت ڪندڙن ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائندن جو ٿورا مڃيا ۽ چيو ته تعليمي ادارن ۽ عالمي تنظيمن جي هيءَ گڏيل ڪوشش هڪ صحت مند ۽ بک کان پاڪ مستقبل جي علامت آهي. هن چيو ته شاگردن جو جوش ۽ دلچسپي ڏسي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ نسل خوراڪ جي کوٽ خلاف جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو.