سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمسٽري انسٽيٽيوٽ پاران تعليمي ۽ تدريسي معيار بلند ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن واري فئڪلٽي ٽريننگ پروگرام جو آغاز، وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري افتتاح ڪيو؛ ٽريننگ پروگرام اسان جي وسيع تر تعليمي ويزن جو پهريون قدم آهي، جنهن جو مقصد تدريسي طريقن کي جديد بڻائڻ آهي، اسان جي ٽيچنگ اسسٽنٽس کي جديد تدريسي مهارتن سان ليس ڪرڻ اصل ۾ مستقبل جي پروفيسرن توڙي محققن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر آهي: وي سي ڊاڪٽر فتح مري ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو افتتاحي تقريب کي خطاب

اعليٰ تعليمي ۽ تدريسي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري ٽيچنگ اسسٽنٽس لاءِ ڪيپيسٽي ڊولپمينٽ پروگرام منعقد ڪيو آهي، جيڪو 24 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهندو. ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري پاران منعقد ڪيل هي ٽن ڏينهن وارو فئڪلٽي ڊولپمينٽ ٽريننگ ورڪشاپ تدريسي طريقيڪار تي مرڪوز آهي، جنهن جو خاص مقصد ٽيچنگ اسسٽنٽس جي صلاحيتن کي وڌائڻ آهي. افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اهڙي تعليمي تجربي جا حقدار آهن، جيڪو متحرڪ ۽ اثرائتو هجي. هن چيو ته موجوده ٽريننگ پروگرام اسان جي وسيع تر ويزن جو پهريون قدم آهي، جنهن جو مقصد تدريسي طريقن کي جديد بڻائڻ آهي. ڊاڪٽر مري وڌيڪ چيو ته اسان جي ٽيچنگ اسسٽنٽس کي جديد تدريسي مهارتن سان ليس ڪرڻ اصل ۾ مستقبل جي پروفيسرن توڙي محققن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر آهي. موثر نموني پڙهائڻ رڳو ليڪچر جو نالو ناهي پر تعليم ۽ تدريس ذريعي سنڌ توڙي ملڪ جي ذهني سرمايي کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ پروگرام جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ورڪشاپ جي عملي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته اثرائتي تدريس ٻئي هڪ فن ۽ سائنس آهي. ڄاڻايل ورڪشاپ خاص طور روايتي طريقن کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي. ڊاڪٽر ملاح وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد ٽيچنگ اسسٽنٽس کي جديد اوزار، شاگردن سان رابطن جي نوان طريقن ۽ جديد تشخيصي حڪمت عمليون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن تنقيدي سوچ کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته جڏهن اسان جا استاد فني طور اڳتي وڌن ٿا، تڏهن اسان جا شاگرد به ترقي ڪن ٿا ۽ اهو ئي اسان جو حقيقي مقصد آهي. ڪيپيسٽي ڊولپمينٽ پروگرام جو پهريون مرحلو جديد تدريسي طريقن جي بنيادي سمجھه تي مشتمل آهي، جيڪو نوجوان ٽيچنگ اسسٽنٽس لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڄاڻايل قدم تدريسي ماحول ۽ شاگردن جي ڪاميابيءَ جي شرح ۾ نمايان بهتري آڻيندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/23/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪل...
View Details → 10/23/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمسٽري انسٽيٽيوٽ پاران تعليمي ...
View Details → 10/23/2025
1024 x 768
Call for sustainable nutrition, equitable food systems
View Details → 10/23/2025