سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”بينظير ڀٽو – تاريخ کيس ڪيئن پرکيندي“ جي سري ھيٺ ليڪچر منعقد: بينظير ڀٽو پاڪستاني سياست، جمهوريت ۽ عورتن جي بااختياريءَ جي علامت هئي، تاريخ کيس نه صرف هڪ سياستدان پر هڪ فڪر ۽ تحريڪ جي حيثيت سان ياد رکندي: ڊاڪٽر فتح مري، ڊاڪٽر جعفر، عاجز ڌامراهه ۽ ٻين جو خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شھيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي اھتمام هيٺ ”بينظير ڀٽو- تاريخ کيس ڪيئن پرکندي“ جي سري ھيٺ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هڪ اهم ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سھيل يونيورسٽي ڪراچي جي سوشل سائنسز جي نامياري ماهر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد پنهنجو تحقيقي ليڪچر پيش ڪيو، جڏهن ته تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ليڪچر ڏيندي چيو ته بينظير جي نظرياتي، تخليقي ۽ علمي سوچ دُنيا جي سياسي تاريخ جي اُفق تي ڇانيل رھندي. ھن چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان جي سياست، جمهوريت ۽ عورتن جي بااختياريءَ جي علامت هئي. تاريخ کيس نه صرف هڪ سياستدان پر هڪ فڪر ۽ تحريڪ جي حيثيت سان ياد رکندي. هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي بهادري، ويزن ۽ اصولن سان عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ڪيو، تنهنڪري تاريخ سندس سياسي جدوجهد کي وڏي شان سان ياد ڪندي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته بينظير ڀٽو جو نالو جمهوريت، جدوجهد ۽ تعليم جي فروغ سان هميشه جڙيل رهندو. هوءَ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي عورتن لاءِ اميد ۽ حوصلي جي علامت هئي، سندس فڪر ۽ قربانيءَ کي تاريخ عزت ۽ احترام سان پرکيندي. ڊاڪٽر فتح مري چيئر جي تحقيقي ڪم کي ساراھيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته بينظير جهموريت جي جدوجهد جو هڪ وڏو نانءُ هئي، جنهن آمريتي دؤر ۾ جهموري نظام لاء جدوجهد ڪري پاڻ ملهايو. بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح ان موقعي تي مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته چيئر اهڙن علمي ليڪچرن وسيلي بينظير ڀٽو جي فڪر ۽ قيادت تي تحقيقي بحث جاري رکندي.