سنڌ يونيورسٽي پاران سمورن تعليمي شعبن ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان 3 ڊسمبر کان شروع ڪرائڻ جو اعلان؛ امتحان ۾ ويهڻ لاءِ 75 سيڪڙو حاضري ۽ اڳئين ڪلاسن جي داخلا فيس جمع ڪرائڻ ضروري قرار: تعليمي معيار جي بلندي، تدريسي عروج ۽ تحقيقي ڪلچر جي بهتريءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: وي سي ڊاڪٽر فتح مريءَ جو اجلاس کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڀني تعليمي شعبن ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان 3 ڊسمبر 2025ع کان شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته امتحان ۾ ويهڻ لاءِ 75 سيڪڙو حاضري ۽ اڳئين ڪلاسن جي داخلا فيس جمع ڪرائڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ مين ڪئمپس سميت مختلف ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلرن، فوڪل پرسنن، ڊينن، تعليمي ۽ انتظامي سربراهن شرڪت ڪئي، جن ڪلاسن جي ڪارڪردگي، شاگردن جي حاضري، شعبن جي ڪلاس مڪمل ڪرڻ بابت اڳڀرائي ۽ مجموعي امتحاني تياريءَ جو جائزو ورتو. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مريءَ واضح ڪيو ته يونيورسٽي تعليمي معيار جي بلندي، تدريسي اوج ۽ تحقيقي ڪلچر جي ڪوالٽيءَ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪندي. هن زور ڀريو ته 75 سيڪڙو حاضري امتحان ۾ ويهڻ جي خواهشمند شاگردن لاءِ لازمي هوندي. هن پرو وائيس چانسيلرن، ڊين صاحبان ۽ تعليمي شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو ڪلاسن ۾ حاضري کي سختي سان مانيٽر ڪن ۽ يقيني بڻائين ته شاگرد باقاعدگي سان ڪلاسز ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته شاگرد پنهنجو قيمتي وقت ڪينٽينن يا عمارتن کان ٻاهر ضايع ڪرڻ بجاءِ ڪلاس رومن ۾ ويهي تعليمي پرائين ۽ استادن کان سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. هن چيو ته تعليمي بهتري ۽ شاندار ڪارڪردگي لاءِ هر شعبي ۾ 75 سيڪڙو حاضري لازمي قرار ڏنل آهي، تنهن ڪري استادن کي به پنهنجا ڪورسز وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيرڊ ۾ ڪلاس رومن ۾ موجود رهڻو پوندو. هن تدريسي ماحول کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ مضبوط ڪلاس روم ڪلچر جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اڄڪلهه مقابلي جو دور آهي ۽ اسانکي پنهنجن شاگردن کي چئن سالن بعد صرف ڊگري جو پنو ناهي ڏيڻو پر کين هر قسم جي چٽاڀيٽيءَ لاءِ تيار ڪري يونيورسٽيءَ کان ٻاهر موڪلڻو آهي. ڊاڪٽر مريءَ سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي معيار بابت وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته هر شعبي ۾ اعليٰ معيار جي تدريسي سرگرمين ۽ وقت جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته سيمينارن، ورڪشاپن ۽ استاد-شاگرد رابطن ذريعي تعليم ۽ تحقيق کي وڌيڪ هٿي ڏياري ويندي. اجلاس دوران سڀني ميمبرن کي ٻئي سيميسٽر جا امتحان شروع ڪرڻ بابت پنهنجا ويچار ونڊڻ جو موقعو مهيا ڪيو ويو. تفصيلي صلاح مشوري کانپوءِ هائوس متفقه طور امتحان 3 ڊسمبر 2025ع کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس کانپوءِ سيميسٽر امتحانن جي ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل تفصيلي سرڪيولر موجب سڀني ڪيمپسز، فيڪلٽيز ۽ ڊپارٽمينٽس جا شاگرد 21 نومبر کان 2 ڊسمبر 2025ع تائين ايل ايم ايس پورٽل ذريعي پنهنجن امتحاني فارمن لي آن لائن ڀرائي ڇڏين. سرڪيولر ۾ امپروور ۽ فيلوئر شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايل ايم ايس مان چالان ڊائون لوڊ ڪري ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ يا ون بل سپورٽ ڪندڙ بينڪن ذريعي پنهنجي فيس جمع ڪرائن ۽ پوءِ آن لائن فارم مڪمل ڪن. سرڪيولر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صرف اهي شاگرد جن جي حاضري 75 سيڪڙو هوندي، امتحاني سلپ ڊائون لوڊ ۽ پرنٽ ڪري سگهندا. سرڪيولر موجب شاگردن جي حاضري جو ريڪارڊ 30 نومبر 2025ع تائين ايل ايم ايس تي مڪمل اپڊيٽ ٿيل هوندي. ساڳئي وقت گهٽ ۾ گهٽ 2 سي جي پي اي رکندڙ اڳوڻا شاگرد پنهنجا گريڊ بهتر ڪرڻ لاءِ فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. امتحانن جي ڪنٽرولر خبردار ڪيو ته اهي شاگرد جن 2025 جي تعليمي سال لاءِ مٿئين ڪلاسز جي داخلا فيس اڃا سوڌو جمع نه ڪرائي آهي، انهن کي امتحاني سلپ جاري نه ڪئي ويندي، جنهن سبب اهي امتحان ۾ ويهڻ جا اهل نه هوندا. سرڪيولر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ڪيمپسز (جيڪي هاڻي الڳ يونيورسٽيز طور ڪم ڪن پيون) جي 2023ع ۽ پراڻن بيچز لاءِ امتحاني شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.