سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امن مشاعرو منعقد، نوجوانن خوبصورت شعر ٻڌائي حاضرين کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪيو: سنڌي ادبي سنگت اھڙو پليٽ فارم آھي، جتي ھر لکڻيءَ تي تنقيد براءِ اصلاح ٿيندي آھي، جيڪا تمام سٺي روايت آھي، ھڪ اھم ميٽنگ ڇڏي سنگت جي پروگرام ۾ آيو آھيان: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري جو امن مشاعري کي خطاب
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امن مشاعرو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ نوجوانن خوبصورت شعر ٻڌائي حاضرين کي ڀرپور داد ڏيڻ تي مجبور ڪيو. امن مشاعرو سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي (شاگرد شاخ) پاران بيورو آف اسٽئگس جي سھڪار سان شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت علامتي طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪئي، جڏھن ته مھمان خاص وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري ھو. پنھنجي خطاب ۾ وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌي ادبي سنگت اھڙو پليٽ فارم آھي، جتي ھر لکڻيءَ تي تنقيد براءِ اصلاح ٿيندي آھي، جيڪا تمام سٺي روايت آھي. ھن چيو ته سڌاري لاءِ تنقيد ھميشه مثبت ھوندي آھي، ڇاڪاڻ ته ان سان لکڻين کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي. ھن چيو ته کيس ٻئي ھنڌ ھڪ ضروري ميٽنگ ۾ وڃڻو ھو پر سنڌي ادبي سنگت جي پروگرام جو ٻڌي ھو ھتي آيو. ھن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي پروگرام کان ھو ڪڏھن به نٽائڻ نه چاھيندو. پروگرام ۾ بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبانه تنيو، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري ۽ ٻيا ڪيترائي استاد توڙي شاگرد موجود ھئا.