سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي ڊپارٽمينٽ جو ٻن ڏينهن وارو “اسپورٽس فيسٽ 2025” ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويو، وائيس چانسيلر طرفان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ايوارڊ ڏنا ويا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ٻن ڏينهن تي مشتمل اسپورٽس فيسٽ 2025 پي سي بي گرائونڊ تي گذريل ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچي ويو. پڄاڻيءَ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب راندين جي مقابلن جي آخري ڏينهن منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پرو وائس چانسلر (ٺٽو ڪيمپس) پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي ۽ ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا پڻ موجود هيون. ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ڊپارٽمينٽ جي تعليمي بهتري ۽ سماجي لاڳاپن بابت وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي۔ هن چيو ته راندين ۽ علمي سرگرمين گڏجي شاگردن جي شخصيت کي مڪمل بڻائن ٿيون ۽ انهن ۾ گڏيل تعاون ۽ همدردي جو جذبو پيدا ڪن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڊاڪٽر چنا جي اڳواڻي ۽ فئڪلٽي جي وابستگي جي ساراهه ڪندي چيو ته آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي جي سڀ کان بهترين شعبن مان هڪ آهي. هن چيو ته رانديون ذهني صحت، نظم ضبط ۽ گڏيل ڪم کي هٿي ڏين ٿيون ۽ صحتمند ذهن هميشه صحتمند جسم ۾ هوندو آهي. ڊاڪٽر مري شاگردن کي اپيل ڪئي ته هو يونيورسٽي جي خدمتن جهڙوڪ 1122 ايمرجنسي ريسپانس ۽ 1124 ٽيلي ميڊيسن مان ڀرپور فائدو وٺن. هن سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي حفاظت تي به زور ڏيندي چيو ته اينٿروپالاجسٽ ۽ آرڪيالاجسٽ دراصل “انڊس تهذيب جا حقيقي محافظ” آهن. ان کان اڳ مختلف راندن جا مقابلا ٿيا، جن ۾ رحمان ڪلهوڙو جي ٽيم (فرسٽ ايئر) ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته ارشاد  جمالي جي ٽيم (سيڪنڊ ايئر) رنر اپ رهي۔ شيره ۽ طاهر مردن جي بيڊمنٽن جا فاتح، جڏهن ته سويره ۽ سائره عورتن جي بيڊمنٽن جون فاتح بڻيون۔ سڀني شطرنج ۽ لڊو جي رانديگرن کي به سندن شاندار شرڪت تي تمغا ڏنا ويا. تقريب جي پڄاڻي تي ڪيڪ ڪٽنگ ۽ ريفريشمينٽ جو انتظام پڻ ڪيو ويو، وائيس چانسيلر ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن بعد ٻن ڏينهن وارو ايونٽ پڄاڻيءَ تي پهچي ويو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/14/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي ڊپارٽمينٽ جو ٻن ڏي...
View Details → 11/14/2025
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی کے اینتھروپالوجی ڈیپارٹمنٹ کا دو ...
View Details → 11/14/2025
1024 x 768
Sports Fest 2025 of Anthropology Department concludes at Sindh University
View Details → 11/14/2025