سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني فورسز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاندار ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج جي حق ۽ افغان حڪومت توڙي پابندي مڙهيل تحريڪِ طالبان پاڪستان جي اڳرائين خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڪستاني فورسز سان يڪجهتي ۽ افغان حڪومت توڙي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي اڳرائين خلاف شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران افغان حڪومت توڙي طالبان ۽ ٽي پي پي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريلي ايڊمنسٽريشن بلاڪ (اي سي ٽو جي پٺئين پاسي کان شروع ٿي، جنهن جي اڳواڻي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، فئڪلٽي آف فارمييسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ ۽ ٻين ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ شريڪ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا کنيل هئا، جيڪي نعرا هڻندي جڏهن اي سي ٽو جي مک گيٽ تي پهتا ته ريلي مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه چيو ته سڄي يونيورسٽي برادري ملڪ جي خودمختياري ۽ سرحدي سالميت جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن سرحد پار حملن جي مذمت ڪندي انهن کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪنهن به عدم استحڪام جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن افغان اختيارين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين. رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ چيو ته پاڪستان آرميءَ هميشه بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيت سان ملڪ جي حفاظت ڪئي ۽ هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني قوم اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن جي صورت ۾ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن جو فرض آهي ته ڏکين حالتن ۾ اتحاد ۽ همٿ کي هٿي ڏين ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي ڀرپور حمايت جاري رکن. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان ڊاڪٽر نادر علي مغيري چيو ته ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان گڏجي پاڪستاني سرحد پار ڪندي دهشتگردي ڪندا رهيا آهن، جنهن جو مقصد سرحدي علائقن ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. هن الزام مڙهيو ته هندستان ۽ افغان حڪومتن وچ ۾ ڳٺ جوڙ موجود آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان خلاف ٻيو محاذ کولڻ آهي پر لڳي ٿو ته ڀارت مئي 2025ع وارو سبق وساري چڪو آهي. هن افغان حڪومت تي زور ڀريو ته اها سرحد پار دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ هٿي نه ڏئي ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته ملڪ جي قديم ترين سنڌ يونيورسٽي جا استاد، آفيسر ۽ ملازم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل رهندا، ضرورت پوڻ تي پاڪستان لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو ويندو، يونيورسٽي وڌيڪ پرامن احتجاج ڪندي ۽ جارحيت جي هر فورم تي مذمت ڪندي. هن افغان حڪومت کي نمڪ حرام قرار ڏيندي ته سالن کان افغانين جي مهمان نوازي جو صلو اڄ دهشتگردي جي صورت ۾ ڏنو پيو وڃي، افغان حڪومت ۽ تحريڪِ طالبان پاڪستان کي مئي 2025ع ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي ڪيل ڪاررواين کي نه وسارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا دوحا معاھدي جو حوالو ڏيندي چيو ته افغان حڪومت ان معاھدي تحت پنهنجن واعدن جي پابند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سرحدي چوڪين تي ٽي ٽي پي جا حملا افغان حڪومت ۽ افغان طالبان جي سرپرستي هيٺ جاري آهن، جيڪي دوحا معاھدي جي کليل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته اها انهيءَ صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ معاھدن تي عملدرآمد يقيني بڻائي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف بمباري جاري رکندو، جنهن جي اسان قوم جي حيثيت ۾ حمايت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. ذوالفقار علي رستماڻي چيو ته علائقي ۾ امن هڪٻئي جي خودمختياري جي احترام ۽ عدم مداخلت سان لاڳاپيل آهي، پاڪستان افغانستان جي سرزمين جو احترام ڪندو رهيو پر موٽ ۾ افغان حڪومت پاران تحريڪِ طالبان پاڪستان جهڙي دهشتگرد تنظيم کي سرحد پار حملا ڪرڻ جي سرپرستي جاري رهي، جنهن سبب پاڪستان کي پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻو پيو.  هن افغان حڪومت تي زور ڀريو ته اها علائقائي سلامتي بابت ذميواراڻو رويو اختيار ڪري. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا اسٽيڪ هولڊر امن جا خواهشمند آهن پر قومي دفاع سڀ کان وڌيڪ مقدم آهي، جنهن لاءِ اسان هر وقت تيار رهنداسين. ريليءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنجيمنٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، بيورو آف اسٽيگس جو ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي، ڊپٽي رجسٽرار نديم ٻُٽ، ميان عليم پاشا مغل، منور راڄڙ، دائود چنڙ، ميوو مالهي، محمد علي گهانگهرو، ارشد ڀٽي، احمد علي ڪنڀار، محمد فضل رستماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.  بعد ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ استاد، آفيسر ۽ ملازم پرامن طور ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/03/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني فورسز سان يڪجهتي جي اظها...
View Details → 03/03/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں پاکستانی فورسز کے ساتھ اظہار یکجہت...
View Details → 03/03/2026
1024 x 768
Rally at Sindh University expresses solidarity with Pakistani armed forces
View Details → 03/03/2026