لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري وچ ۾ ملاقات، صوبي اندر فشريز ريسرچ کي هٿي ڏيارڻ، مڇيءَ جي واڌاري ۽ پائيدار ترقيءَ بابت خيالن جي ڏي وٺ

 لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ سنڌ يونيورسٽي پھچي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان سندس آفيس ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبي اندر فشريز ريسرچ کي هٿي ڏيارڻ، مڇيءَ جي واڌاري ۽ پائيدار ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صوبائي وزير سنڌ جي پاڻي وسيلن، مٺي پاڻي، سامونڊي پاڻي ۽ سامونڊي پٽيءَ جي ايڪو سسٽمز جي بي پناهه صلاحيتن تي زور ڏيندي چيو ته فشريز سائنس، جديد تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هن اهم شعبي جي وسيلن مان پوري ريت فائدو حاصل ڪري سگهجي. هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت فشريز ڊولپمينٽ، ريسرچ ۾ اضافي ۽ اڪيڊميا-حڪومت تعاون لاءِ مڪمل سهڪار ڪندي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ صوبائي وزير کي سنڌ يونيورسٽي جي عالمي سڃاڻپ رکندڙ ريسرچ ڪارنامن بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته فشريز ۽ آبي سائنسز جي شعبي ۾ ٿيندڙ علمي ڪم انتھائي شاندار آھي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي وٽ فشريز جي شعبي جا اعليٰ ماهر موجود آهن، جن وٽ عالمي تجربي ۽ مهارتن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جيڪو شعبي جي سڌارن ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ملاقات ۾ سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر يونس ۽ ڊاڪٽر پنھل خان فشريز ۽ اڪواڪلچر منصوبن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت وڏي وزير کي تفصيلي تجويز پيش ڪئي. ھن پيش ڪيل تجويز کي ساراهيندي چيو ته ان کي لاڳاپيل فورم تي غور هيٺ آندو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي ٻنهي ڌرين پاران انهيءَ عزم سان ٿي ته ريسرچ پارٽنرشپ کي وڌايو ويندو، جدت کي هٿي ڏني ويندي ۽ سنڌ اندر فشريز ۽ اڪواڪلچر کي پائيدار بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/10/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾...
View Details → 12/10/2025
1024 x 768
لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سن...
View Details → 12/10/2025
1024 x 768
Sindh Minister meets SU Vice-Chancellor to strengthen fisheries research, sustainable deve...
View Details → 12/10/2025