سنڌ يونيورسٽيءَ عدالتي حڪمن کانپوءِ آفيسرن جي هڪ سيٽ تي سنڊيڪيٽ جي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي حڪمن تي عمل ڪندي آفيسرن جي واحد سيٽ تي سنڊيڪيٽ جي ميمبرشپ لاءِ ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. رجسٽرار ۽ اليڪشن آفيسر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڄاڻايل فيصلو آئينِي درخواست نمبر ڊي-6062 آف 2025ع تاريخ 9 ڊسمبر 2025ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي ائڪٽ 1972ع وقت بوقت ترميم ٿيل جي سيڪشن 22(1) (xviii)  تحت 19 ڊسمبر 2025ع تي رٿيل چونڊ کي ايندڙ حڪم تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چونڊن جو نئون شيڊيول مناسب وقت تي جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/17/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ عدالتي حڪمن کانپوءِ آفيسرن جي هڪ ...
View Details → 12/17/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ نے عدالتی احکامات کے بعد افسران کی ایک ...
View Details → 12/17/2025
1024 x 768
SU postpones syndicate election following court orders
View Details → 12/17/2025