سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب منعقد، وائيس چانسلر ڪيڪ ڪاٽيو، ڪرسمس ٽري کي به سجايو ويو: سنڌ يونيورسٽي هميشه مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏني آهي، اھو ئي سبب آھي ته اڄوڪي تقريب ۾ عيسائي ڀائرن سان گڏ ھندو ۽ مسلمان ملازم پڻ موجود آھن
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي آڊيٽوريم ۾ ڪرسمس ڊي جي خوشين جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته ڪرسمس امن، محبت ۽ قربانيءَ جو درس ڏئي ٿي، تنھن ڪري ھر مذھب جي ماڻھن کي پاڻ ۾ پيار ۽ ڀائيچاري سان رھڻ گھرجي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي هميشه مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏني آهي، اھو ئي سبب آھي ته اڄوڪي تقريب ۾ عيسائي ڀائرن سان گڏ ھندو ۽ مسلمان پڻ موجود آھن. ھن چيو تھ اقليتي برادريءَ يونيورسٽي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تعليمي ادارا سماجي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جا مرڪز آهن. ڊاڪٽر مريءَ چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام پڻ الله پاڪ جو موڪليل نبي ھو، سندس تعليم انسانيت، صبر ۽ خدمت جو پيغام آهي. ھن چيو ته سڀني مذهبن جو احترام سنڌ جي سڃاڻپ آهي، تنھن ڪري شاگردن ۽ ملازمن ۾ برداشت ۽ محبت کي ھٿي ڏيڻ ضروري آهي. ھن چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي مڪمل حق ڏئي ٿو، ان ڪري يونيورسٽي انتظاميا پڻ اقليتي ملازمن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوشان آهي، اهڙيون تقريبون قومي يڪجهتيءَ کي مضبوط ڪن ٿيون. ان موقعي تي محمد علي گھانگھرو پنھنجي روايتي انداز ۾ خوبصورت شعر ٻڌايا ۽ چيو ته ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪري کيس خوشي محسوس ٿي رهي آهي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي سڀني مذهبن جي ماڻهن لاءِ هڪ گڏيل گهر آهي، اهڙا موقعا ڀائيچاري کي وڌائين ٿا. ذوالفقار علي رستماڻي تقريب جي ڪمپيئرنگ ڪئي ۽ چيو ته ڪرسمس محبت ۽ اميد جو پيغام آهي، جڏھن ته اقليتي برادري سنڌ جي ثقافتي حسن جو اهم حصو آهي. ھن چيو تھ گڏيل تقريبون سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿيون. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ عيسائي ملازمن شرڪت ڪئي، جيڪي هڪ ٻئي کي “ميري ڪرسمس” چوندا رهيا. آڊيٽوريم ۾ هڪ مصنوعي ڪرسمس ٽري يعني وڻ پڻ رکيو ويو، جنهن کي رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو. تقريب دوران اسٽيج تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان گڏ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه ۽ ٻيا مهمان ويٺل هئا.