سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو جاري: مختلف آفيسرن جا انتظامي عھدن تي مقررين جا آرڊر جاري، ٽيچرز پنھنجن تدريسي شعبن ۾ واپس موڪليا ويا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي حڪمن جي پوئواري ڪندي مختلف آفيسرن جا انتظامي عھدن تي مقررين جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آھن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي حڪم سان رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ پاران جاري ڪيل آرڊرس موجب سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي کي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشن ۾ انچارج ڊائريڪٽر ۽ انچارج انسپيڪٽر آف ڪاليجز مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ زولاجي شعبي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر برڪت علي ٻگھيو کي ايڊيشنل ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن جي عھدي تان رليو ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽي کي بيورو آف اسٽيگس جو انچارج مقرر ڪرڻ جو آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي پروفيسر ڊاڪٽر مظھر عباسي کي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي چيئرمين جي چارج ڏني ويئي آھي. ھوڏانھن ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪويٽڪ سائنسز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري کي پرووسٽ بوائز ھاسٽل طور مقرر ڪيو ويو آھي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/18/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025