سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي صدارت ھيٺ اجلاس، سياري جون موڪلون 29 ڊسمبر کان 16 جنوري تائين ڪرڻ جو فيصلو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت ھيٺ پرو وائيس چانسلرن، فوڪل پرسنز ۽ ڊينز جو اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ سياري جون موڪلون 29 ڊسمبر 2025ع کان 16 جنوري 2016ع تائين ڪرڻ سميت مختلف فيصلا ڪيا ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ ھال ۾ ٿيل اجلاس ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جو چوڻ ھو تھ ايندڙ سيمسٽر کان شاگردن جي حاضريءَ تي سختي ڪئي ويندي ۽ امتحانن ۾ ويھڻ لاءِ 75 سيڪڙو حاضري لازمي ھوندي. ھن چيو تھ ٽيچرز کي پابند ڪيو ويندو تہ ھو ھر روز پنھنجي ڪلاسن جي حاضري آن لائين لڳائين تھ جيئن اھا خبر پئجي سگھي تھ ڪھڙا شاگرد غير حاضر آھن، جن جي والدين کي اطلاع ڏنو ويندو. ھن چيو تہ استادن جي ذميواري آھي تہ ھو امتحاني نتيجا ھر سيمسٽر امتحان کان پوءِ فوري طور جمع ڪرائين، ان ۾ دير جي گنجائش نھ ڏني ويندي. ھن چيو ته اھڙا استاد جيڪي امتحاني نتيجا دير سان ڏيڻ جا عادي آھن، مستقبل ۾ سندن ڪورسن جي امتحانن لاءِ ٻيا استاد مقرر ڪري سگھجن ٿا. اجلاس ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته سياري جون موڪلون 29 ڊسمبر 2025ع کان شروع ٿينديون، جيڪي 16 جنوري 2025ع تي ختم ٿينديون. مختلف شعبن جا استاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ھلندڙ ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جا نتيجا 20 جنوري 2026ع تائين جمع ڪرائڻ جا پابند ھوندا، جڏھن ته فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، آرٽ اينڊ ڊزائين سميت ٿيسز پراجيڪٽ وارن شعبن جا استاد 15 فيبروريءَ تائين امتحاني نتيجا جمع ڪرائي سگھندا. اجلاس ۾ مين ڪئمپس جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاھ، ٺٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ ۽ ٻيا فوڪل پرسن ۽ ڊينز موجود ھئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/18/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025