اسريٰ يونيورسٽيءَ جي چانسلر جي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سان ملاقات، تعليمي ۽ تحقيقي لاڳاپا وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
اسريٰ اسلامي فائونڊيشن جي صدر ۽ سي اي او ۽ اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر حميدالله قاضيءَ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ادارن وچ ۾ تعليمي ۽ تحقيقي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ۽ تعليمي توڙي تحقيقي ميدان ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران بزنس اسٽيڊيز، ميڊيڪل سائنسز ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ڌرين گڏيل تحقيقي منصوبن، فيڪلٽي ايڪسچينج پروگرامن، گڏيل سيمينارن ۽ علمي مهارتن جي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. پروفيسر ڊاڪٽر حميدالله قاضي اسريٰ يونيورسٽي جي نواڻ تي ٻڌل تحقيق، خاص طور طبي ۽ صحت سان لاڳاپيل شعبن ۾ ڪيل ترقيءَ کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ سان پائيدار تعليمي ڀائيواري قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. هن باضابطه طور وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري کي اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ھو ادارتي سهولتن جو جائزو وٺي سگهي ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ان قدم کي ڀليڪار ڪندي علائقي ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي واڌاري لاءِ اسريٰ يونيورسٽيءَ جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته جديد تعليمي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ يونيورسٽين وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آهي. ڊاڪٽر مري پڻ اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر کي مصروف شيڊول مان وقت ڪڍي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس جو دورو ڪرڻ، تعليمي ڪلاس رومز، انفراسٽرڪچر ۽ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي اسريٰ يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ پبلڪ رليشنز ڊاڪٽر محمودالحسن مغل پڻ موجود هو.