سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس، گذريل مالي سال جي بجيٽ سميت مختلف اسمن جي منظوري، هلندڙ مالي سال جي 8926.373 ملين رپين جي بجيٽ پيش

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گذريل سال جي بجيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي 210هين اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ چيئرمين مقرر ڪرڻ سميت وائيس چانسلر پاران کنيل قدمن جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي 45هين اجلاس جا منٽس به منظور ڪيا ويا. سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ ٻن لا ڪاليجن کي ڪم ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏيندي ٽن ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامن ۽ الحاق جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع ۽ هلندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ، آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. ڊائريڪٽر فنانس ذيشان احمد ميمڻ سينڊيڪيٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران مالي سال 25-2024ع ۾ 1823.991 ملين رپيا گرانٽ ڏني ويئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 1769.786 ملين رپيا گرانٽ ڏني آهي. هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت گذريل سال جي 2964 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 3408.600 ملين رپيا گرانٽ ڏني، جنهن تي وڏي وزير، سنڌ هيڪ جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پوري پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ کي صوبائي حڪومتن طرفان ايتري بجيٽ وڌائي ناهي ڏني ويئي، جيڪا سنڌ حڪومت اسان جي يونيورسٽيءَ تي مهرباني ڪئي. ڊائريڪٽر فنانس ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي پنهنجن وسيلن سان گذريل سال 3804.791 ملين رپيا آمدني رهي، جڏهن ته هلندڙ سال اها آمدني گهٽجي 3279.891 ملين رپيا رهي. يونيورسٽي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي انڪري ٿي ته ميرپورخاص ڪئمپس الڳ يونيورسٽي بڻجي ويو. هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال ۾ ڪُل آمدني ۽ گرانٽ 8592.782 ملين رپيا رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران بجيٽ جي لاڳت 8458.277 ملين رپيا لڳائي ويئي آهي. ڊاڪٽر فنانس موجب هلندڙ مالي سال دوران پگهارن لاءِ 4452.900 ملين رپيا مختص ڪيا ويا، جڏهن ته پينشن ۽ ملازمن جي رٽائرمينٽ فائدن لاءِ 2354.155 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته پگهارن ۽ پينشن کان سواءِ ايندڙ خرچن لاءِ 2119.318 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح يونيورسٽيءَ جي آمدني سميت وفاقي ۽ صوبائي گرانٽ کي ملائي ڪُل بجيٽ جو تخمينو 8926.373 ملين رپيا لڳايو ويو آهي. ڊي ايف ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران بجيٽ ۾ ٽوٽل خسارو 468.096 ملين رپيا رهندو، جيڪا گذريل مالي سال جي 244.826 جي ڀيٽ ۾ 271.928 ملين رپيا آهي. هن زور ڀريو ته سنڌ حڪومت مدد ڪري ته شمارياتي ۽ مالياتي تجزياتي مطالعو ڪرائي پينشن جو انڊوومينٽ فنڊ قائم ڪجي ته يونيورسٽي خساري کي گهٽائي سگهندي. هن چيو ته سولرائيزيشن پراجيڪٽ شروع ٿيڻ سان 100 ملين بچندا ۽ باقي خسارو به گهٽائي وٺنداسين. ڊي ايف ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ جي سيڙپڪاريءَ جو ڪل مجموعو 286 ملين رپيا هو، جيڪو هاڻي وڌي 972 تي پهتو آهي. اها وڏي خوشخبري آهي. هن چيو ته پينشن جي سيڙپڪاري به 118 ملين رپيا هئي، جيڪا هاڻي وڌي 314 ملين رپين تائين پهتي آهي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ جي زمين جو صحيح استعمال ڪري آمدني وڌائڻ چاهيون ٿا ته جيئن يونيورسٽيءَ مان فيس نه هئڻ سبب هر سال شاگردن جي ٿيندڙ ڊراپ آئوٽ کي روڪي سگهون. سنڌ يونيورسٽيءَ نئون نعرو متعارف ڪرايو ته “ڪو به شاگرد فيس جا پئسا نه هئڻ ڪري يونيورسٽي ڇڏي نه وڃي”، ان مقصد لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس کي وڌيڪ فعال بڻايو ويو آهي. هن زور ڏنو ته مختلف تعليمي شعبن کي رڳو تيار ڪرڻ وارا پئسا خرچ ڪرڻ بجاءِ آمدنيءَ جو مرڪز بڻجڻو پوندو ته جيئن هر تعليمي شعبو پنهنجن خرچن کي پاڻ پورو ڪري سگهي. اجلاس ۾ ميمبرن مالي حوالي سان تمام گهڻا سوال اٿاريا، جن جا ڊائريڪٽر فنانس اطمينان جوڳا جواب ڏنا ۽ کين ٻڌايو ته 1947ع ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام کان پوءِ پهريون ڀيرو مادر علمي جي چارٽرڊ اڪائونٽنس ذريعي آڊٽ ڪرائي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته 52 ملين رپيا انڪم ٽئڪس جي مد ۾ بچايا آهن، انڪم ٽئڪس شعبو يونيورسٽيءَ تي هروڀرو 52 ملين رپيا ٽئڪس لاڳو ڪيو هو، جنهن تي اسان وفاقي ٽربينول ۾ ڪيل ڪيس کٽيو آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/01/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس، گذريل...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی سینڈیکیٹ کا 211واں اجلاس، گزشتہ مالی ...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
SU Syndicate reviews finances, approves previous budget, allows new academic initiatives
View Details → 01/01/2026