سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر پاران ڪچري کي گڏ ڪري رکڻ واري هنڌ جو افتتاح؛ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ افتتاحي تقريب بعد ڪيمپس ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم باضابطه شروع ڪري ڇڏيو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري گذريل ڏينهن يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ويسٽ سيگريگيشن پوائنٽ يعني ڪچري کي کڻائي هڪ هنڌ تي گڏ ڪري رکڻ واري هنڌ جو افتتاح ڪيو، جتي ڪئمپس جي مختلف هنڌن تان ڪچرو گڏ ڪري رکيو ويندو. هوڏانهن ڪچرو گڏ ڪرڻ وارو هنڌ ملڻ بعد سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي لاڳاپيل عملي فوري طور ڪيمپس جي مختلف رستن ۽ علائقن ۾ صفائي سٿرائيءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. عملي لوڊرن ذريعي ڪچرو گڏ ڪري نئين قائم ڪيل ويسٽ سيگريگيشن پوائنٽ ڏانهن منتقل ڪيو. افتتاحي تقريب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ واقع پاڪستان پوسٽ آفيس جي پويان، ايڇ بي ايل برانچ ڀرسان واقع ويسٽ سيگريگيشن پوائنٽ تي منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرمين، فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سنڌ يونيورسٽي کي صاف، سرسبز ۽ ماحولياتي طور ذميوار ادارو بڻائڻ ڏانهن پهرين اهم وک کنئي وئي آهي. هن چيو ته ڪچري کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ بعد انکي ڊمپنگ واري هنڌ منتقل ڪيو ويندو، جنهن سان ماحول جي تحفظ ۽ عوامي صحت جي بهتريءَ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي ماحولياتي پائيداري ۽ ذميوار شهري روين جي واڌاري لاءِ عملي مثال قائم ڪرڻ گهرجن. هن زور ڀريو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي وچ ۾ تعاون سان ڪيمپس ۾ جديد ۽ سائنسي ويسٽ مئنيجمينٽ نظام متعارف ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر مري چيو ته صاف سٿرو تعليمي ماحول شاگردن جي سکيا، استادن جي ڪارڪردگي ۽ اداري جي مجموعي ساک تي سٺو اثر وجهندو. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ڪئمپس ۾ صفائي، سينٽيشن ۽ ماحولياتي معيارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. هن سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته بورڊ پاران يونيورسٽي کي پيشيوراڻيون خدمتون مهيا ڪرڻ قابلِ تعريف عمل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڄاڻايل ڀائيواري ڊگهي مدي وارا فائدا ڏيندي. وائيس چانسلر چيو ته شاگردن، استادن، آفيسرن ۽ ملازمن ۾ ڪچرو اڇلائڻ بابت آگاهي پڻ انتهائي اهم آهي، جيڪا جلد شروع ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته صفائي صرف ڪنهن اداري يا اختيارين جي ذميواري ناهي، پر سماج جي هر فرد جي گڏيل ذميواري آهي. هن شاگردن ۽ ملازمن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي عملي سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ ڪچرو صحيح نموني سان اڇلائڻ کي يقيني بڻائين. وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي ماحول دوست طريقا اختيار ڪرڻ ۽ پائيدار حل ذريعي ماحولياتي آلودگي گهٽائڻ جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته ڄاڻايل ڪوششون قومي ۽ عالمي ماحولياتي تحفظ جي هدفن سان هم آهنگ آهن. ڊاڪٽر مريءَ چيو ته ويسٽ سيگريگيشن پوائنٽ تي سڄي يونيورسٽيءَ جو ڪچرو گڏ ڪري رکيو ويندو، جنهن بعد انجي ڊمپنگ جو عمل شروع ٿيندو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي شاگردن ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ ماحول دوست منصوبن تي ڪم جاري رکندي. هن سنڌ حڪومت جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، جنهن سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي خدمتن کي شهرن ۽ ٽائونن کان وڌائي تعليمي ادارن تائين پهچايو. ٻئي طرف سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جو عملو ڪيمپس ۾ صفائي مهم جاري رکندي مختلف علائقن مان ڪچرو گڏ ڪري ان کي ويسٽ سيگريگيشن پوائنٽ ڏانهن منتقل ڪندو رهيو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/20/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر پاران ڪچري کي گڏ ...
View Details → 01/20/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ کی جانب سے کوڑا کرکٹ رکھنے کی جگہ...
View Details → 01/20/2026
1024 x 768
SU VC inaugurates waste segregation point; SSWMB formally launches campus-wide cleanliness...
View Details → 01/20/2026