سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار فيڪلٽي جو افتتاح: نوجوان فيڪلٽي کي جديد علم ۽ مهارتن سان ليس ڪري تدريسي ۽ سکيا جي عمل ۾ تبديلي آندي ويندي، استادن جي مسلسل تربيت ۽ مهارتن جي واڌ ويجهه ڪنهن به شڪ بنا معياري اعليٰ تعليم جي ضمانت آهي، يونيورسٽيون تڏهن اڳتي وڌن ٿيون، جڏهن استاد جديد علم، تدريسي طريقن ۽ تحقيقاتي مهارتن سان ليس هجن، اهڙا تربيتي پروگرام نوجوان ٽيچرز کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري، ڊاڪٽر منير احمد ميرجت، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ ٻين جو افتتاحي تقريب کي خطاب

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي سهڪار سان نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار فيڪلٽي منعقد ڪيو ويو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾  صرف ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن کي شرڪت جو موقعو فراهم ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي آڊيو ويجوئل روم ۾ 26 جنوري کان شروع ٿيل پروگرام 18 فيبروري 2026ع تائين جاري رهندو. ڄاڻايل تربيتي پروگرام جو افتتاح وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪيو، ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جو ڊائريڪٽر منير احمد ميرجت ۽ لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري هيڪ جي سهڪار تي اين اي ايڇ اِي جي ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح پروگرام جي معيار ۽ بهترين هم آهنگي کي يقيني بڻايو. هن شرڪت ڪندڙ استادن کي مسلسل سکيا حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته تدريسي شعبي ۾ ڪاميابي لاءِ لڳاتار پيشاوراڻي ترقي ضروري آهي. هن سنڌ يونيورسٽي جي ان عزم کي ورجايو ته نوجوان فيڪلٽي کي جديد علم ۽ مهارتن سان ليس ڪري تدريسي ۽ سکيا جي عمل ۾ تبديلي آندي ويندي. هن ٻڌايو ته فيڪلٽي ميمبرن جي مسلسل تربيت ۽ مهارتن جي واڌ ويجهه ڪنهن به شڪ بنا معياري اعليٰ تعليم جي ضمانت آهي. هن چيو ته يونيورسٽيون تڏهن اڳتي وڌن ٿيون، جڏهن استاد جديد علم، تدريسي طريقن ۽ تحقيقاتي مهارتن سان ليس هجن. اهڙا تربيت وارا پروگرام نوجوان فيڪلٽي کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر مري وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي تدريسي ۽ سکيا جي عمل ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ جديد تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ مهارتن جي ترقي کي اوليت ڏئي رهي آهي. هيڪ اسلام آباد جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منير احمد ميرجت نوجوان فيڪلٽي ميمبرن جي تدريسي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ کين جديد تدريسي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. هن سنڌ يونيورسٽي جي قيادت ۽ تربيتي ٽيم جي سهڪار ٿورا پڻ مڃيا. لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ فيڪلٽي جي صلاحيت سازي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ اهڙا تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ لاءِ پنهنجي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو. تربيتي پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح مهمانن، شرڪت ڪندڙن ۽ ريسورس پرسنز کي ڀليڪار ڪيو. هن پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ۽ ڊاڪٽر منير احمد ميرجت سميت پرو وائيس چانسلرز، ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز ۽ انتظامي عملدارن جا ٿورا مڃيا، جن جي سهڪار سان ڄاڻايل تربيتي پروگرام ممڪن بڻيو. هن چار هفتن تي ٻڌل هن جامع سکيا پروگرام جي اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ڪندڙن کي پيشاوراڻي ترقي لاءِ ڄاڻايل موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي تلقين ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن تربيتي پروگرام ۾ 30 شرڪت ڪندڙ ۽ 8 سينيئر ريسورس پرسنز شامل آهن، جيڪي چار هفتن دوران 72 سيشنز ۾ اعليٰ تعليم جي اهم موضوعن جهڙوڪ تدريسي طريقا، نصاب جي تياري، رابطي جون مهارتون، مصنوعي ذهانت ۽ جديد تدريسي ماڊلز تي تربيت فراهم ڪندا. تقريب ۾ رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، نور آمنه ملڪ، سهيل منگي، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر فيض بروهي، ڊاڪٽر فاطمه ريحان دار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/27/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فا...
View Details → 01/27/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن مارچ جي آخري ...
View Details → 01/27/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی جامشورو میں نیشنل آؤٹ ریچ پروگرام ...
View Details → 01/27/2026