سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن مارچ جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪرائڻ جو اعلان: آن لائين رجسٽريشن جي آخري تاريخ 19 فيبروري مقرر: 2024ع ۾ بيچلر ۽ ماسٽر مڪمل ڪندڙ شاگرد ڊگريون حاصل ڪري سگهندا، سال 2024ع ۽ 2025ع ۾ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر پڻ ڊگري وٺي سگهندا: سيڪريٽري ڪانووڪيشن ڊاڪٽر عرفانه ملاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن مارچ جي آخري هفتي ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ تعليمي سال 2024ع ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرس جڏهن ته 2024ع ۽ 2025ع ۾ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ اسڪالرن کي ڊگريون ڏنيون وينديون. اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن لاءِ آن لائين رجسٽريشن 19 جنوريءَ کان شروع ٿي ويئي، جيڪا 19 فيبروري 2026ع تائين جاري رهندي. ڪانووڪيشن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تي آن لائين رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي. هن چيو ته تعليمي ڪانووڪيشن ۾ بيچلر ۽ ماسٽر جا اهي شاگرد پنهنجون ڊگريون وٺي سگهندا، جن 2024ع ۾ پاس آئوٽ ڪيو. هن چيو ته 2024ع ۽ 2025ع ۾ تعليم مڪمل ڪندڙ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا اسڪالر پڻ ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون وٺي سگهندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/27/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فا...
View Details → 01/27/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن مارچ جي آخري ...
View Details → 01/27/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی جامشورو میں نیشنل آؤٹ ریچ پروگرام ...
View Details → 01/27/2026